مورو(ن پ ا) ڪراچي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل مورو واسي نوجوان آصف لنڊ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. مورو ويجھو ڳوٺ سردار خان لنڊ جو رھواسي آصف لنڊ ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو ھو جنھن کي ڪراچي جي سول اسپتال جي آءِ سي يو ۾ رکيو ويو هو، جيڪو علاج دوران فوت ٿي ويو. نوجوان جو فوت ٿيڻ جي خبر پوڻ تي گھر ڀاتين ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو. نوجوان جي مڙهه کي ايمبولينس ذريعي ڳوٺ آندو ويو جتي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.