اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن پاران ٻيهر داخلا ڪرڻ واري حڪم خلاف درخواست تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه عدالت ۾ درخواستگذارن جي درخواست تي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جو ٻيهر داخلا ڪرڻ وارو حڪم غيرقانوني آهي، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته قانون مطابق نجي ڪاليجن کي داخلا ڪرڻ لاءِ پنهنجو طريقيڪار جوڙڻ جو اختيار ڏئي ٿو، درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مختلف ميڊيڪل ڪاليجن پنهنجي طئي ڪيل طريقيڪار مطابق داخلائون ڪيون پر بعد ۾ ٻيهر به داخلائون ڪيون ويون، پهرين مارچ کان ايم بي بي ايس فرسٽ ايئر جا ڪلاس به شروع ڪيا ويا آهن، ٻيهر داخلائن جي آڇ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪي داخلائن ۾ رهجي ويا آهن انهن کي به داخلائون ملن، جنهن تي عدالت پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.