ڪراچي جي گلشن سرجاني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

0
166
ڪراچي جي گلشن سرجاني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل
ڪراچي جي گلشن سرجاني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، گلشن سرجاني ۾ قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي

گلشن سرجاني ۾ قتل ٿيلن مان هڪ جي سڃاڻپ نسيم جاويد ۽  ٻئي جي بابر جي نالي سان ٿي

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ظاهري طور واقعو ڦر دوران مزاحمت جو ٿو لڳي،  قتل ٿيندڙن کي سيني تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب قتل ٿيندڙ ڪار ۾ سوار هئا، شق  آهي ته انهن جي نه بيهڻ تي مٿن  فائرنگ ڪئي وئي آهي، واردات واري جاءِ تان وڌيڪ شاهديون  گڏ ڪري رهيا آهيون

مقتول نسيم جي وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول نسيم کير جو  ڪاروبار ڪندو هو، بيگناهه ان کي قتل ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

گڊو ويجهو انڊس هاءِ وي تان 2 ڊرائيور اغوا، ڌرڻو