حڪومت ۽ ان جا سرپرست مون کان ڊنل آهن، هنن کي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست جو خوف آهي: عمران خان

0
206
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي، وڪيلن جي اعتراض تي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي، وڪيلن جي اعتراض تي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪومت ۽ ان جا سرپرست مون کان ڊنل آهن، هنن کي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست جو خوف آهي، پاڪستان ۾ هن وقت ملڪي تاريخ جي ڪمزور ترين جمهوريت آهي، اهڙي صورتحال ۾ اميد رڳو عدليه آهي

برطانوي نيوز چينل کي انٽرويو دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان مون کي ائين پڪڙيو ويو ڄڻ مان ڪو وڏو دهشتگرد هجان

هن جو چوڻ هو ته حڪومت جو منصوبو مون کي ۽ منهنجي جماعت کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ آهي، پرتشدد واقعن ۾ اسان جا ماڻهو ملوث نه آهن، ڀڃ ڊاهه وارن واقعن جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي

حڪمران مون کان ڊنل آهن، هو خوف ۾ وٺجي ويا آهن ۽ غلط فيصلا ڪري رهيا آهن، ملڪ جي سمورن بحرانن جو حل اليڪشن آهي، شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته سمورا بحران ختم ٿي ويندا

هي به پڙهندا

9 مئي تي ٿيل ڪارروائين جي سمورن منصوبي سازن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو: آرمي چيف جنرل عاصم منير