شاگرد ٻيڻي عمر جي ماسترياڻي سان شادي ڪري ڇڏي

0
266
شاگرد ٻيڻي عمر جي

ڪوالالمپور(انٽريسٽنگ نيوز) ملائيشيا ۾ نوجوان پاڻ کان ٻيڻي عمر جي استاد سان شادي ڪري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. محمد دانيال احمد علي پنهنجي ڪنوار جميله محمد سان ان وقت ملاقات ڪئي هئي جڏهن هو اسڪول ۾ پڙهندو هو

2016ع ۾ جميله کيس پرهائيندي هئي ۽ دانيال اٺين ڪلاس ۾ هو. هو جميله کان قومي زبان ملائي پڙهيو. هو ماسترياڻي جي شفقت، ڌيان ۽ پڙهائڻ جي طريقي کان ڏاڍو متاثر ٿيو

هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهڻ ڪري هن جي جميله سان دعا سلام رهندي هئي. ڏهين درجي ۾ پڙهندي جميله دانيال کي سالگره جي مبارڪ ڏني جنهن بعد هو ماسترياڻي جي ويجهو ٿيندو ويو

هن پهريون ڀيرو شادي جو پيغام ڏنو ته جميله عمر جي فرق جي ڪري اهو پيغام رد ڪري ڇڏيو. جميله کي 2007ع ۾ مڙس طلاق ڏني هئي ۽ هن پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ پئي چاهيو

دانيال جي هر هر اصرار تي هن شادي لاءِ راضپو ڏيکاريو. هنن 2021ع ۾ شادي ڪئي سندن پيار ڪهاڻي هاڻ وري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي