ڪارونجهر سنڌ جي سڃاڻپ

0
418
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

تاريخي ورثا،ماڳ مڪان ۽ هنڌ قومن جي سڃاڻپ ٿيندا آهن جنهن سان سڄي دنيا انهي قوم جي تاريخ ۽ ماضي کان واقف ٿي سگهندي آهي ۽ جنهن قوم جو اهي ورثو هوندا آهن اها قوم سڄي جڳ جهان ۾ ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجي شاندار ماضي تي فخر ڪري سگهندي آهي ۽ دنيا کي ٻڌائيندي آهي ته جڏهن باقي دنيا اڃان تهذيب جي نالي کان واقف ٿي رهي هئي تڏهن سندن قوم ڪيترو ترقي يافته ۽ مهذب هئي،سنڌ به پنهنجي اهڙن ماڳن مڪانن تي فخر ڪري ٿي جن ۾ موئن جي دڙي کان وٺي ڪارونجهر جبل جهڙا قيمتي ماڳ اچي وڃن ٿا،پر انهن تاريخي ماڳن مان ڪارونجهر تي ڪجهه ڏوڪڙن جي لالچ ۾ سنڌ حڪومت اهڙو فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن تي پنهنجي ورثي سان پيار ڪندڙ سنڌ جي ماڻهن جي جيءَ کي جهٻي آئي آهي ۽ حڪومت جي اهڙي سوچ تي حيرت ٿي آهي.
سنڌ جي ڀارت سان لڳندڙ سرحد وٽ ضلعي ٿرپارڪر جي آخري شهر ننگرپارڪر جي چوگرد جنهن جبل جي خوبصورت اوٽ آهي انهي کي ڪارونجهر چيو وڃي ٿو، ڪارونجهر جبل ۾ گرينائيٽ ۽ چائنا ڪلي سميت ڪيترائي قيمتي پٿر موجود آهن، جيڪي برسات پوڻ بعد سياحت جو مرڪز بڻيل هجن ٿا ۽ اهي پٿر ٿر جي حسن کي ٻيڻو ڪري ڇڏين ٿا، هونئن ته ڪارونجهر جي وڍ ڪٽ جي ڪٿا پراڻي آهي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ليز ذريعي انهي جبل جي مختلف حصن کي سرمائيدارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي جن ڪيترن ئي ڪلو ميٽرن تائين هن پٿر کي ڪوري ۽ ڪپي باقي رڳو ننگرپارڪر شهر جي پٺيان واري پاسي کي ڇڏيو آهي. ويراواهه کان ويندي ڀرپاسي جي ڳوٺن وٽان ڪٽائي ٿيندي رهي ٿي،انهي ڪٽائي جي قانوني طور سنڌ سرڪار اجازت ڏيندي رهندي آهي، هاڻي جڏهن ڪارونجهر جي ڪنڌ تي ڪاتي رکي پئي وئي، يعني ننگرپارڪر شهر جي ويجهو جبل جي ڪٽائي ڪئي پئي وئي ته علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو ۽ هڪ مقامي وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي جنهن بعد سرڪار تي ڪجهه عوامي ۽ ڪجهه عدالتي دٻاءُ پيو ته سرڪار عارضي طور تي ڪٽائي ڪندڙن کي روڪي ۽ ڪارونجهر جي حوالي سان سياحت، ثقافت، معدنيات ۽ ماحوليات سميت مختلف کاتن جي آفيسرن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي، انهي ڪاميٽي جتي قديمي آثارن، عبادتگاهن ۽ جبل جي پکيڙ بابت مجموعي رپورٽ پيش ڪئي، اتي انهي اجلاس ۾ ڪاميٽي جبل کي ليز تي ڏيڻ جي سفارش به ڪئي، جڏهن ته سرڪار جي انهي ڪاميٽي جي رپورٽ کي مقامي نمائندن رد ڪيو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪاميٽي ٻيهر جائزو وٺي، مقامي ماڻهن سان ملي انهن جي تجويزن جي روشني ۾ ڪارونجهر کي ليز تي ڏيڻ بابت پنهنجون سفارشون تيار ڪندي، يعني سرڪار جي نيت اهائي آهي ته جبل کي هر حال ۾ ليز تي ڏجي. ڪارونجهر جبل نه رڳو هڪڙو تفريحي ۽ سياحتي ماڳ آهي پر انهي جي هڪڙي تاريخي حيثيت رهي آهي جڏهن سنڌ جي هڪ سورمي روپلو ڪولهي قابض انگريز حڪمرانن خلاف پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ ويڙهه ڪندي انهي ڪارونجهر جبل تي شهادت ماڻي، جنهن کانپوءِ روپلي جو قصو ۽ ڪارونجهر هڪٻئي سان لازم ملزوم ٿي ويا، روپلي جي ڪنڌ اوچو ڪري انگريزن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ پنهنجي حياتي وطن لاءِ قربان ڪرڻ کانپوءِ ان کي ڪارونجهر وانگر ڪنڌ اوچو ڪري جيئڻ سان ڀيٽڻ اڄ به سنڌ ۾ مثال وانگر استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي جي اجازت ڏيڻ کي سنڌ واسي پنهنجي هيري روپلي جو ڪنڌ ڪورڻ سمجهن ٿا جنهن ڪري سڄي سنڌ انهي فيصلي جي مخالفت ڪري رهي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سڄي دنيا ۽ مهذب قومون پنهنجي تاريخي ورثن ۽ ماڳن مڪانن کي بچائڻ ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ اربين رپيا خرچ ڪنديون آهن ۽ انهن کي سياحتي مرڪز طور دنيا آڏو متعارف ڪرائي ڪروڙين اربين رپيا سياحت ذريعي ڪمائينديون به آهن پر هتي قصو ئي ابتو آهي ته سنڌ حڪومت ڪجهه پئسن لاءِ ڪارونجهر کي ڪورڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي، جيڪو سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ ڪهڻ واري مثال وانگر آهي.جيڪڏهن سنڌ حڪومت سياحن لاءِ اتي بهتر سهولتون مهيا ڪري ته ان مان ئي ليز جي پئسن کان وڌيڪ ڪمائي سگهجي ٿو پر سوچڻ ۽ ڏسڻ جو فرق آهي ،تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي سنڌ جي سڃاڻپ ڪارونجهر کي ليز تي ڏيڻ وارو فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.