نئين ملڪي صورتحال، نواز ليگ لاءِ امتحان

0
386

تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي به پابندي لڳي ويئي، پر ان ملڪي سياست جو رخ ئي مٽائي ڇڏيو. ان کان اڳ 2017ع ۾ جڏهن نواز ليگ حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ ملڪي سياسي، انتظامي توڙي عدليه جي تاريخ ۾ ياد رکڻ وارو فيض آباد اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو. اهو ڌرڻو ڪيئن ختم ٿيو اهو به سڀني کي ياد آهي. ڌرڻي جي ورندڙ سال 2018ع ۾ چونڊون ٿيون. هن مذهبي جماعت پنهنجو وجود ڏيکاريو. ڪراچي مان به قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندگي حاصل ڪري ورتي. ايئن هن پنجاب ۾ پنهنجو سياسي وجود ڏيکاريو، ايتري قدر جو ڏهه ڏينهن اڳ پنجاب جي ڊسڪا واري ضمني چونڊ ۾ به اها جماعت ٽئين نمبر تي بيٺي. ايئن هن جماعت ملڪ اندر اڳ موجود مذهبي جماعتن جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، جمعيت علماءِ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ پنهنجو اسٽريٽ پاور ۽ ڏنڊو ڏيکاريو بلڪه استعمال ڪيو. اهو نظر پئي آيو ته ملڪ ۾ سياست تي مجموعي طور مذهبي رنگ چڙهي رهيو آهي. مولانا فضل الرحمن به شايد اها ڳالهه تاڙي ورتي، هو به اڳتي وڌي آيو. هن به پنهنجو سياسي شو ڏيکاريو. ان سان گڏ ڪجهه اسٽريٽ پاور ۽ هڪ حد تائين ڏنڊا به ڏيکاريا. مولانا فضل الرحمن جي جماعت طرفان ڏنڊا استعمال نه ڪيا ويا.
تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي بندش لڳڻ پنهنجي جاءِ تي آهي پر مجموعي طور تي ڏسجي ته سياست، حڪومت ۽ سماجي لاڳاپن تي مذهبي پهراڻ پارايو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان به جنهن پيرا ۾ ڳالهيون ڪري ٿو ، مختلف معاملن جي تشريح ڪري ٿو، پنهنجن پروگرامن جا جيئن نالا ڏئي ٿو، انهن سڀني تي مذهبي رنگ چڙهيل آهي. اها خبر ناهي ته اهو عمران خان جي حڪومت جو بيانيو آهي يا رياست جي بيانيو؟ ٻنهي صورتن ۾ ان جا سماج تي ڏاڍا گهرا اثر پوندا.
موجوده تحريڪ جنهنجي نتيجي ۾ تشدد جا واقعا ٿيا، هن ڀيري ڳالهه جي بظاهر شروعات اتان ٿي ته فرانس ۾ هڪ ٽيچر ناموس رسالت جي زد ۾ ايندڙ ڪي خاڪا ڏيکاريا. فرانسيسي صدر اهي خاڪا شايع ڪرڻ جي حق ۾ بيان ڏنو. تحريڪ لبيڪ جو مطالبو هو ته پاڪستان فرانس سان سفارتي ناتا ٽوڙي يا گهٽ ۾ گهٽ فرينچ سفير کي نيڪالي ڏئي.
فرانس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ئي نه پر فوجي ناتا به رهيا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب فرانس پاڪستان جي ايٽمي ري ايڪٽر لڳائڻ ۾ مدد ڪئي. ان بعد پاڪستان نيوي آگوسٽا سب ميرين فرانس کان ورتي. هن ڊيل بابت ڪيترن سالن کان سياسي توڙي سفارتي حلقن ۾ ڪيتريون ڳالهيون هلندڙ آهن. ڪجهه ڳالهيون تڪراري نه چوڻ جهڙا شڪ شبها به ظاهر ٿيندا رهيا آهن. پاڪستان ۾ فرانس جون 32 ڪمپنيون ڪم ڪن ٿيون. مجموعي واپار هڪ ارب 40 لک پائونڊن جو ٿئي ٿو. پاڪستان فرانس کي گهڻي ڀاڱي ٽيڪسٽائيل وغيره ڏيندو آهي. ايئن ڏسجي ته پاڪستان جا فرانس سان ڏاڍا حساس نوعيت جا ناتا آهن. هن وقت جڏهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چوي ٿو ته معاشي ڊپلوميسي کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد بڻايو پيو وڃي. ان موقعي تي هڪ مذهبي گروهه طرفان فرانس سان ناتا ڦٽائڻ جو مطالبو ٿيڻ لڳو، انهن سمورن معاملن جي اڳيان پٺيان ڪي حقيقتون ڪي ڪهاڻيون ۽ ڪي راز هوندا جيڪو هڪ الڳ باب آهي
هن وقت جڏهن اهي تشدد وارا واقعا ٿيا، تڏهن ملڪ جو سياسي منظر ڪيئن هو؟ اپوزيشن جو اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ فيصلا ڪن موڙ تي هو ان جي خاص ڪري پنجاب ۾ مقبوليت وڌي رهي هئي. اصل پنجاب ۾ مقبوليت پي ڊي ايم جي نه پر نواز ليگ جي هئي. حڪومت جا سمورا زور لڳائڻ جي باوجود ان ڊسڪا واري ڇوٽي چونڊ کٽي ورتي. پيپلزپارٽي جي مُک آصف زرداري طرفان آڇ ڪئي وئي ته پنجاب ۾ بزدار حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻي چوڌري برادران جي مدد سان گڏجي حڪومت ٺاهي وڃي. فارمولا اهو هو ته نواز شريف جي سخت بيانيي کي تبديل ڪري مفاهمت ۽ مصلحت واري پاسي وٺي اچجي. نواز ليگ ان لا تيار نه هئي. اصل ۾ پيپلزپارٽي پنهنجي لاءِ موجوده وقت ۾ ڪا سهولت، رستو ۽ ايندڙ وقت ۾ پنهنجي لاءِ ڪا گنجائش يا جڳهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن وقت پي ڊي ايم ۾ نواز ليگ وڏي پارٽي آهي. وڏي ۽ وڌيڪ سگهه رکندڙ صوبي ۾ وڏي سگهه رکي ٿي. ايندڙ وقت واري سيٽ اپ ۾ اها پنهنجو “اپرهئنڊ” پئي گهري. پيپلزپارٽي جو خيال هو ته سڀ برابر آهيون ۽ ان فارمولا سان هلجي، ان ڳالهه سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي چونڊ جي موقعي تي به خفا پيدا ڪيا، جو بلوچستان عوامي پارٽي “باپ” جي ووٽن تي پيپلزپارٽي پنهنجو اپوزيشن ليڊڙ چونڊرايو. ڳالهه اڳتي وڌي وئي جو پي ڊي ايم پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو. اپوزيشن جي اتحاد ۾ آيل ڏڦيڙ عملي طرح عمران خان جي حڪومت کي مضبوط ڪيو، اڃان ملڪ ۾ ڊسڪا جي چونڊ ۽ پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم جي لاڳاپن ۾ پيپلزپارٽي جي موقف تي تنقيد ۽ تبصرا هلي رهيا هئا ته تحريڪ لبيڪ جو جهيڙو وچ ۾ اچي ويو. ايئن سياست ۽ بحث جو موضوع ئي تبديل ٿي ويو. وفاقي حڪومت جهڙي طريقي سان ردعمل ڏنو ان مان لڳي ٿو ڄڻ اها تيار ويٺي هئي ته جهيڙي ٿيڻ سان ئي تحريڪ لبيڪ تي بندش جو اعلان ڪري، ايئن رڳو موضوع نه مٽيو، بلڪه پتو به مٽجي ويو. سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته “پتو مٽايو، عزت جو بچاءَ ڪريو” .سو حڪومت کي اپوزيشن جي ڏڦيڙ سان وٿي ملي وئي. هاڻي واري بحث Discourse۾ نواز ليگ کي ڏکيائي پيدا ٿي ويئي. هو ان سڄي جهيڙي ۾ عملي طرح ڪجهه به نه پئي ڪري سگهي. ڏکيائي پيپلزپارٽي لاءِ به ٿي جو بلاول ڀٽو زرداري جو واقعي بابت بيان تڏهن آيو جڏهن وفاقي حڪومت اعلان ڪيو ته اها جهيڙيندڙ مذهبي تنظيم تي بندش وجهي رهي آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ان ڪري اها هڪ حد تائين ڪجهه قدم کڻي پئي سگهي.
ان سڄي قصي ۾ عمران خان عالمي سطح تي اهو ڏيکاري سگهيو ته هو هڪ دهشتگرد تنظيم سان سڌو جهيڙو ڪري رهيو آهي ۽ ان تي بندش وجهي ڇڏي آهي. ايئن ان جون اضافي مارڪون ٺهي ويون. ملڪ اندر توڙي ان کان ٻاهر هرڪو ڄاڻي ٿو ته عمران خان جي جاءِ تي نواز ليگ يا پيپلزپارٽي مان ڪنهن جي حڪومت هجي ها ته اهڙو سخت قدم نه کڻي سگهي ها. سو خان صاحب جي دنيا ۾ واهه واهه ٿي وئي. ملڪ اندر هي پي ڊي ايم کي ڀور ڀور ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ اهو به دنيا کي ڏيکاريائين.
ٻه ٻيون ڳالهيون جيڪي جهيڙي جي گونج جي پويان ٿيون هڪ اهو ته پنج سالن کان تڪرار هيٺ رهيل 2017ع واري آدمشماري جا نتيجا منظور ڪري ان جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ بقول سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سنڌ جي آدمشماري ساڍا پنج سيڪڙو گهٽ ڏيکاريل آهي، مطلب ته ايئن سنڌ کي مالي وسيلن ۾ به پنج سيڪڙو گهٽ ملندو رهيو ۽ هاڻي گهٽ ملندو رهندو. سنڌ جي لڳاتار مخالفت ۽ اختلافي ليٽر لکڻ جي باوجود هڪ طرفو فيصلو ڪيو ويو ، ٻي ڳالهه اها ٿي ته وزيراعظم هڪٻئي پٺيان سوشل سيڪيورٽي ۽ عام ماڻهن کي ڪجهه ڏيڻ يا آڇڻ جي لاءِ چار پنج اعلان ڪيا، جنهن ۾ گهر ٺاهي ڏيڻ ، اسڪالر شپ کان وٺي احساس پروگرام کي وڌائڻ سميت ٽي ٻيا اعلان شامل آهن. چيو پيو وڃي ته وزيراعظم سکر،حيدرآباد ۽ ڪراچي لاءِ به پئڪيج اعلان ڪرڻ وارو آهي. حڪومت جڏهن کان آئي آهي اهو چوندي رهي آهي ته خزانو خالي آهي ٽڪو به ڪونهي، لٽيرا سڀ مال کڻي ويا پر هاڻي اوچتو هي سڀ پروگرام ڏنا پيا وڃن. اهو رڳو مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ آهي؟ بلاشڪ مڪاني ادارن جون چونڊون اهم آهن پر انهن جو مينڊيٽ سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيندو. خود موجوده حڪومت ايندڙ وقت جون حڪمت عمليون به تبديل ڪري ڇڏيندي. ڏسجي ته اپوزيشن خاص ڪري نواز ليگ صورتحال جي نئين گرهڻ مان ڪيئن ٿي ٻاهر نڪري.