جهانگير ترين: ڪي ويجها ئي ڏور

0
427

گهڻو پراڻو قصو نه آهي، جڏهن جهانگير ترين عمران خان جي سياسي ساهن جو نگهبان سمجهيو ويندو هو، زميني سفر هجي يا ان جي ذاتي جهاز جو هوائي سفر، جهانگير ترين خان صاحب سان گڏ گڏ هوندو هو. سياسي جلسي جو اسٽيج هجي يا نواز شريف حڪومت خلاف ڌرڻي جو ڪنٽينر، ايئن سمجهيو ته هڪ سياسي همسفر جيان زندگي گذاريندا هئا ۽ هاڻ جدائي جو سفر ناقابل يقين ڪهاڻي جو سفر آهي، هڪ پاسي عمران خان جي شخصيت جو پڙاڏو، چاهيندڙن لاءِ بهترين شخصيت، ماضي جي حڪمرانن، شريف خاندان ۽ زرداري خلاف دونهيدار تقرير، نوجوانن کي انقلاب جا خواب ڏيکاريندڙ خان صاحب ٻئي پاسي سياسي جوڙ توڙ جو ماهر، کيسن ۾ اربين رپين جو سرمايو، رحيم يار خان جي مخدومن، ملتان جي گيلانين ۽ سنڌ جي پير پاڳارا سان رشتيدارن جي دامن ۾ ٻڌل ترين صاحب.
هڪ پوليس آفيس جو پٽ، عملي زندگي جي شروعات پنجاب يونيورسٽي ۾ هزار رپين جي پگهار مان ڪئي، ڪجهه عرصو بينڪ ۾ ملازمت ۽ پوءِ 2 يا 3 ڏهاڪن ۾ ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ هزارين ايڪڙ ايراضي جي ملڪيت، ڪريڊٽ ترين صاحب جي قسمت کي ڏجي يا سندس ڪاروباري ذهني صلاحيتن کي، فيصلو اوهان جي سوچ تي ڇڏيون ٿا. اها حقيقت آهي ته ترين صاحب ملڪ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جو بنياد رکندڙن ۾شامل آهي، پنهنجي زمينن تي ڪم ڪندڙن جي اولاد لاءِ تعيلمي ادارن ۽مقامي آبادي لاءِ فلاحي ادارا به هلائي رهيو آهي، جڏهن اربن رپين جو وزن گڏ هجي ته عام طور تي پاڪستان ۾ اهڙي شخصيت کي معاشري ۾ سماجي ۽ سياسي اثر رسوخ لاءِ سياست ۾ سيڙپڪاري جو خيال اچي ٿو.
جيڪڏهن لاٽري لڳي ته چار چنڊ لڳي ويندا، دنيا ۾ ئي بهتر ملڻ جو چانس ۽ ڪاروبار جي چوڌاري حفاظتي ڍال به ٺهي ويندي، ترين صاحب سان به ڪجهه اهڙو ئي ٿيو، عمران خان کان اڳ کيس شهباز شريف جي ويجهڙائي ملي، جنهن دوران هن شهباز شريف جي صلاحڪار طور ڪم به ڪيو، جڏهن شريف ڪٽنب تي جنرل مشرف جي دور ۾ ڏکيو وقت آيو ته جتي وفادارن راتو رات صفون تبديل ڪيون اتي هي به چوڌري ڀائرن جي ق ليگ ۾ شامل ٿي ويو، سيڙپڪارن مان نظريات جي اميد رکڻ ئي نه گهرجي ته ترين صاحب کي ڏوهي قرار ڏيڻ شايد مناسب نه هوندو. وفاقي وزير ٿيڻ ۽ مشرف جي ئي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيا، تعلق ته اڳ ئي هو ڇاڪاڻ ته شروعات ۾ ئي ڏکڻ پنجاب ۾ گهڻو ڪري رٽائرڊ فوجين کان بنجر زمين گهٽ قيمت تي خريد ڪئي هئي، جنهن کي پنهنجي ڪاروباري تجربي سان زرخيز بڻايو.
مشرف دور کانپوءِ ڪجهه سال جي پس منظر ۾ رهندي تبديل ٿيندڙ سياست کي ڏسندو رهيو. جهانگير ترين جنهن به شيءِ کي هٿ لاتو اها سوني ٿي وئي، سياسي ميدان جي ڊوڙ ۾ عمران خان سڀ کان مضبوط نظر آيو، اسٽيبلشمينٽ جي روين کي محسوس ڪيو ۽ سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي ڇڏيو.
2013ع ۾ تحريڪ انصاف هڪ سياسي طاقت طور اڀري سامهون ضرور آئي پر اقتدار کان گهڻو پري هئي، سندس خان صاحب سان دوستي انهن ڏينهن ۾ ٿي، جڏهن هن خان صاحب کي اليڪشن نتيجن جو تجزيو پيش ڪيو ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب جي سياسي خاندانن جي پارٽي ۾ شموليت جي ٽوٽڪي تي ان جي رضامندي حاصل ڪئي.
نواز شريف جي اسٽيبلشمينٽ سان ڇڪتاڻ، تحريڪ انصاف جو ڌرڻو پوءِ پاناما ۽ ڪرپشن ڪيس، نيٺ هو نااهل ٿي ويو، 2018ع جي چونڊ کان اڳ رخ مٽائيندڙ هوائن کي محسوس ڪندي پنجاب جي روايتي سياسي شخصيتن جو موسمي پکين جيان تحريڪ انصاف جي آکيري ۾ آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو، سياسي پکين جي ولر جي رهنمائي ترين صاحب ڪري رهيو هو، پارٽي ۾ پنهنجو مضبوط گروپ ۽ خان صاحب جي ڀرپور اعتماد سان کيس بي پناهه طاقت حاصل ٿي هئي، هو خان صاحب ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار به ادا ڪندو رهيو، چيو يندو آهي ته ڌرڻي دوران ڪنٽينر تي عسڪري قيادت جو عمران خان سان نياپو به ترين صاحب جي موبائيل ذريعي ايندو هو، ان دوران جتي هن سيڙپڪار مان هڪ طاقتور سياسي شخصيت جو روپ اختيار ڪيو، اتي پارٽي ۾ ساڙ، تعصب ۽ دشمني کي به منهن ڏنو.
انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ جسٽس وجيهه الدين جهانگير ترين ۽ عليم خان تي اميدوارن ۾ پئسا ورهائڻ جا به الزام لڳايا، ملڪ جي عام چونڊ ۾ کيس ڀرپور اختيار مليا،ڪير ٽڪيٽ جو حقدار آهي، ڪير ناهي، اهي سڀ اختيار ترين صاحب وٽ هئا، هڪ موقعي ته شاهه محمود قريشي به احتجاج ڪيو هو، وڏي مشڪل سان سرچاءُ ڪرايو ويو، پر دلين ۾ هڪٻئي خلاف ڳالهيون رهجي ويون.
چونڊن جا ڏينهن ويجها آيا، جتي عمران خان جو وزير اعظم جو خواب پورو ٿيندي نظر اچي رهيو هو، اتي جهانگير ترين جون خواهشن کي به وڏو جهٽڪو لڳو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ کيس صادق ۽ امين نه سمجهيو ويو ۽ قومي اسيمبلي جي رڪنيت مان نااهلي جو حڪم مليو، اليڪشن جي جوڙ توڙ جو زمانو هو ته ترين صاحب ۽ سندس جهاز جي اڏام جاري هئي، عمران خان جي وزير اعظم ٿيڻ بعد جهانگير ترين نااهل ٿيڻ باوجود اهم حڪومتي ميٽنگ ۾ پاليسي ساز جيان موجود هوندو هو، پارٽي ۾ مٿس الزام هو ته هن وفاق ۾ ڊپٽي پرائيم منسٽر ۽ پنجاب ۾ چيف منسٽر جيان رويو اختيار ڪيو هو، سندس نااهلي ۽ ان کانپوءِ سياسي جانشين علي ترين جي لوڌران جي ننڍي چونڊ ۾ شڪست ٿي، پارٽي ۾ موجود مخالفن کي هڪ ٻيو محاذ ملي ويو، عمران خان جي وزير اعظم ٿيڻ بعد لاڳاپن ۾ تبديلي قدرتي عمل هو، بيورو ڪريسي جو هڪ نظام هوندو آهي، وزير اعظم هائوس ۾ پهريون ٽڪراءُ عمران خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سان ٿيو، جنهن کي هو پاڻ خلاف ڪاررواين جو ذميوار قرار ڏيندو آهي، بئريسٽر شهزاد اڪبر به ان فهرست ۾ شامل آهي. گذريل سال جڏهن کنڊ جون قيمتون آسمان ڇهي رهيون هيون ته شگر ڪميشن جي جاچ رپورٽ جاري ڪئي وئي، ذميوارن جي فهرست ڊگهي هئي پر ترين صاحب جي نالي تي واويلا ٿي، جنهن بعد هو ڪجهه مهينن لاءِ برطانيا هليو ويو، جهانگير ترين اقتدار ۾ ويٺلن کان پري ٿيو، وزير اعظم سان به وٿي ٿي ويس ۽ ترين جا مخالف به فائدو کڻندا رهيا ۽ ايئن وڇوٽيون وڌي ويون.
سينيٽ چونڊن ۾ وڇوٽيون گهٽائڻ جو موقعو مليو پر مسئلو حل نه ٿيو ۽ جهانگير ترين کنڊ بحران اسڪينڊل جي جاچ ۾ ڦاسي پيو، سياسي حلقن جي دعويٰ آهي ته پارٽي ۾ جهانگير ترين جي مخالفن عمران خان کي ڀروسو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ترين جي ڪري ئي گيلاني جي ڪاميابي ممڪن ٿي، مبينا طور تي سندس جهاز به گيلاني لاءِ استعمال ٿيو، ٻئي پاسي ترين جي حامين جي دعويٰ آهي ته جهانگير سينيٽ چونڊن ۾ حڪومت جي ڪاميابي لاءِ ڪم ڪيو.
هاڻ اربين رپين جي ڦير ڦار جي الزامن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ۽ ڌيئرن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جهانگير ترين ان کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي رهيو آهي ته “مان ته دوست هئس، مونکي دشمني ڏانهن ڇو پيو ڌڪيو وڃي؟” جهانگير ترين جو عمران خان لاءِ چڀندڙ پيغام پر گڏوگڏ پارٽي ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو به ڪري رهيو آهي.
ضمانت وٺڻي هجي يا رهائشگاهه تي مان ۾ مانجهاندو ڏيڻو هجي، جهانگير ترين جي گهر ۾ حمايتي قومي ۽ پنجاب اسميبلي جي ميمبرن جو وڏو انگ نظر اچي ٿو، اهو هڪ اشارو ڏيڻ جي ڪوشش آهي ته هو ايندڙ ڏينهن ۾ سياسي ميدان ۾ سرگرم رهڻ چاهي ٿو، سڀني کي خبر آهي ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت اتحادين ۽ ڪجهه ووٽرن جي فرق سان قائم ٿي، ڇا ان کي ڌمڪي سمجهجي يا مصيبتن جي ور چڙهيل طاقتور سياستدان جو جوابي سياسي وار يا وري ان عمران حڪومت لاءِ خطرو؟
عام طور تي جهانگير ترين جهڙا صنعت ڪار سيڙپڪار ڀلي ڪيترا به طاقتور هجن، وڏي سياسي جنگ ناهن وڙهندا ۽ پنهنجي جاگيرن کي انتقام جي ور چڙهڻ ناهن ڏيندا، ڪنهن وڏي سياسي سهاري يا وڏي اشاري جي وقت جو انتظار ڪندا آهن، بغاوت جو اعلان به آخري آپشن طور تي استعمال ڪندا آهن، جيڪڏهن اختلافن شدت اختيار ڪئي ته جهانگير ترين جو عمران خان جي اقتدار جي هن جنم ۾ گڏ هلڻ ممڪن نظر نٿو اچي ۽ ايئن ٻن سياسي همسفرن جا مستقبل ۾ به سياسي رستا الڳ ٿيندي نظر اچن پيا.