ملڪ جي حقيقي اميج وارو سوال

0
371

جيتوڻيڪ گهرو کاتي واري وزارت عملي طور تي پنهنجي نوٽيفڪيشن ذريعي تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي پر اهڙي پابندي کانپوءِ سوين سوال بحث جو حصو بنجي چڪا آهن، جنهن حڪومت دوران پوري ملڪ اندر اهڙي پابندي پيل تنظيم جي احتجاج جي نتيجي ۾ افراتفري واري صورتحال پيدا ٿي، ساڳي حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جي ماضي تي ڪيترائي بحث هلي رهيا آهن. شيخ رشيد جا پنهنجا وڊيو ڪلپ به سوشل ميڊيا تي موجود آهن، جيڪو ان وقت جي نواز شريف واري حڪومت کي تحريڪ لبيڪ جي ذڪر سان چئلينج ڪندي نظر اچي ٿو. اهي سوال به اٿيا آهن ته اڄ جو وزيراعظم عمران خان اڄ جي گهرو کاتي جي وزير شيخ رشيد سان گڏجي ڊي چوڪ تي جيڪي احتجاجي خطاب ڪندو هو، انهن احتجاجن جي نتيجي ۾ ان وقت جا عصمت الله جوڻيجو جهڙا ايس ايس پي اهڙن ئي جٿن جي ور چڙهي زخمي ٿيندا رهيا. اسلام آباد جي ايئرپورٽ کان ڊي چوڪ تائين پوليس وارن کي گلو بٽ چئي سخت تشدد جو نشانو بنائي عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪرائي ويندي هئي، اهڙن ئي احتجاجن جي نتيجي ۾ پارليامينٽ هائوس کان پي ٽي وي سينٽر تي چڙهائي وارا منظر به سڀني جي سامهون آهن. عمران خان تڏهن جي حڪومت خلاف بار بار چوندو هو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پارٽي جو دٻاءُ آهي، تڏهن به ملڪ جي خاص طور تي اسلام آباد راولپنڊي جي پوليس سخت مونجهاري جو شڪار هئي ته ڪنهن جي حڪم کي مان ڏجي. هن وقت جڏهن عمران خان جي حڪومت خاص طور شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪرڻ اچي ٿو ته انهن کان ماضي جا سوال گهڻا ٿيڻ شروع ٿيا آهن. هنن جو گهڻو وقت انهن وضاحتن ۾ گذري وڃي ٿو ته وقت جي حڪومت خلاف جنهن ذريعي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ٽي ايل پي جهڙن احتجاجن جو ساٿ نه ڏنو هو پر هينئر جيڪو فيض آباد وارو علائقو اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائڻ جي حوالي سان مشهور هئڻ کان علاوه سڄي ملڪ جي روڊ واري ٽريفڪ جي اڏي واري حيثيت سان مشهور هو، جتي سڄي ملڪ جون گاڏيون اچي گڏ ٿينديون هيون، جتي سڄي ڏينهن ملڪ جي هڪ هڪ شهر جي نالي سان مسافرن کي سڏيو ويندو هو، هاڻي اهو فيض آباد وارو علائقو ڌرڻي واري هنڌ جي حوالي سان مشهور آهي. ان علائقي جي ذڪر اچڻ سان ئي سپريم ڪورٽ جو جج قاضي فائز عيسيٰ جو ذڪر به اچي ٿو ان ئي علائقي ۾ ڌرڻي جي نتيجي ۾ زندگي جي مفلوج ٿي وڃڻ جي سوال تي ان وقت جو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هاڻي به وضاحت ڏيندي چوندو آهي ته منهنجي هٿ ۾ ڪجهه به نه هو. ان وقت جي گهرو کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال کي جڏهن احتساب عدالت اندر وڃڻ کان به روڪيو ويو هو ته هن سخت احتجاج ڪندي چيو هو ته هي بنانا ريپبلڪ ناهي، هاڻي به احسن اقبال چوي ٿو ته مان ته گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو هيس پر باوجود ان جي انهن کان سوال ٿين ٿا ته فيض آباد ڌرڻو ڪيئن ختم ٿيو. اهي سوال به ٿين ٿا اهڙن احتجاجن جي نتيجي ۾ وقت جي وفاقي وزير حامد زاهد کان استعيفيٰ ڇو ورتي هئي، احتجاج ڪندڙن کي لفافا ڏئي گهر ڇو اماڻيو ويو، هاڻي ته اهڙن احتجاج ڪندڙن جي تنظيم تي پابندي لڳائي وئي آهي پر جڏهن قاضي فائز عيسيٰ رپورٽ سامهون آئي ته ان رپورٽ جي بنيادي نقطن کي سخت ڇو قرار ڏنو ويو. هينئر به قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خاندان سميت جيڪي ايف بي آر کان سپريم ڪورٽ تائين پيشيون ڀوڳي رهيو آهي ان جو سبب به ان فيض آباد ڌرڻي جي رپورٽ کي قرار ڏنو وڃي ٿو.
اهو به چيو پيو وڃي ته ان احتجاج جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي ملڪ جي اميج کي نقصان پهچي رهيو هو. اها ساڳئي ڳالهه هئي جڏهن فيض آباد ڌرڻي جي نتيجي ۾ ملڪ جي اميج تي سوال اٿي رهيا هئا، هينئر به فرانس سميت يورپ جا ملڪ پنهنجن شهرين کي ٽريول ايڊوائزري جاري ڪندي نظر اچن ٿا. انهن جي ٽريول ايڊوائزري کي ته ڇڏيو پر هي جيڪي پي ڊي ايم کان پري ٿي ويل پارٽيون اي اين پي ۽ پيپلزپارٽي وارا آهن اهي هينئر به عمران خان کان اهي سوال ڪندي نظر ايندا آهن ته چونڊن دوران سمورين پارٽين کي اليڪشن مهم هلائڻ جي اجازت هوندي آهي رڳو اسان جي جلسن تي سيڪيورٽي جو اشو هوندو آهي، اسان کي اهي موقعا نٿا ملن جيڪي ٻين پارٽين کي ملي رهيا آهن. هاڻي ته نواز شريف جي تصوير ڏيکارڻ تي به پابندي هئي، ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون پنهنجن اڳواڻن جون تصويرون پاڻ سان گڏ کڻي قومي اسيمبلي جا اجلاس اٽينڊ ڪنديون رهيون آهن، هينئر به صنم ڀٽو، ڀٽي صاحب واري ورسي واري پروگرام ۾ ٻڌائي پئي ته اسان جي شادي ڪارڊ تي به ڀٽو لکڻ کان منع ٿيل هئي. بينظير ڀٽو واري پارٽي تي پرويز مشرف پابندي مڙهي ڇڏي هئي. شهيد بينظير ڀٽو کي پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين ٺاهڻي هئي، بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي ٽيون ڀيرو وزيراعظم تي پابندي هڻي انهن کي ملڪ کان ٻاهر رهڻ تي مجبور ڪيو ويو. نتيجي ۾ جيڪو سياسي خال پيدا ٿيو ٿئي ان کي ڀرڻ سان ملڪ جو ڪهڙو سياسي اميج دنيا آڏو نروار ٿئي ٿو، هينئر به بحث جاري آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان ملڪ اندر چوٿين نمبر تي ووٽ حاصل ڪندي رهي هئي، ان سان حڪومت جيڪي معاهده ڪري رهي هئي، ايتري اهميت ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي ووٽ حاصل ڪندڙ ٻن پارٽين جي حڪومت آڏو نظر ئي نه پئي آئي. هينئر به جڏهن پي ڊي ايم ۽ تحريڪ لبيڪ وارن جو احتجاج رٿيل هو، تڏهن عمران خان جي حڪومت پي ڊي ايم وارن کي چئلينج ڪندي نظر اچي رهي هئي، جڏهن ته ٽي ايل پي وارن سان ساڳئي حڪومت جا وفاقي وزير معاهده ڪندي نظر اچي رهيا هئا. هي عمران خان جي حڪومت هجي يا ان کان اڳ نواز شريف جي حڪومت اهڙين حڪومتن فيض آباد ڌرڻي واري وقت جيڪو سياسي طريقو اختيار ڪيو ان سان وقت ته گذري ويو پر مسئلو حل ٿي نه سگهيو. هي وقت گذارڻ واري جيڪا پاليسي هئي ان ملڪ جي اميج کي ڪافي ڌڪ رسايو.
هينئر واري پابندي واري بحث ۾ اهو بحث وري شروع ٿي ويو آهي ته اهڙي پابندي ڪيترو وقت برقرار رهندي، ان کان اڳ جيڪي پابنديون لڳيون، اهڙين پابندين جي نتيجي ۾ ڇا حاصل ٿيو. ڪيتريون ئي پابندي پيل تنظيمون آهن جيڪي نالا تبديل ڪري ٻيهر ميدان ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندي نظر اچي رهيون آهن. ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن هن وقت اهڙي مسئلي کان نڪرڻ واري بحث جي شروعات به ڪجي ته ان کان اڳ جيڪو سمورين پارٽين گڏجي نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو هو ان جو ڇا ٿيو. ان نيشنل ايڪشن پلان جي احاطي ۾ اهي سمورا معاملا بحث جو حصو بڻيل هئا، جن تي جيڪڏهن عمل ٿئي ها ته هينئر اهي سڀ مسئلاپيدا ئي نه ٿين ها، ان نيشنل ايڪشن پلان جي نتيجي ۾ جيڪي 20 نقطا شامل ٿيا هئا انهن ۾ ئي پابندي پيل تنظيمن جي ذڪر سان گڏ اهوبه شامل هو ته ساڳئي پابندي پيل تنظيم ٻئي نالي سان ڪم ڪري نه سگهندي.
هينئر عمران خان واري نئين پاڪستان ۽ پراڻي پاڪستان وارو بحث ته عروج تي آهي پر ساڳئي وقت اهو سوال به موجود آهي ته جنرل ضياءَ جي ڪنزرويٽو دور کان جنرل مشرف جي روشن خيال پاڪستان واري سلوگن مان هينئر ملڪ جو اميج ڪنهن سان سلهاڙيل آهي.
جنرل ضياءَ جي زماني کان وٺي پرويز مشرف جي روشن خيال دور ۾ به ساڳيون ئي عوامي مقبوليت رکندڙ پارٽين جا سربراهه ملڪ بدر هئا.
هي جيڪو جنرل ضياءَ جي زماني کان افغانستان جي پس منظر ۾ عالمي بيانيو حڪم جي صورت ۾ اسان سان آهيو يا ناهيو واري سوال سان هن ملڪ جي مٿان نافذ ٿئي ٿو، اهو ئي عمل هن ملڪ اندر هيروئن، ڪرپشن، ڪلاشنڪوف جهڙا مرض پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿو. جيڪڏهن هن رياست کي بقول اعتزاز احسن“ رياست هو گي مان ڪي جيسي” جهڙي تصور لاءِ آزاد ڇڏيو وڃي ته هن رياست جو عوام بينظير ڀٽو جهڙي قائد کي هميشه ووٽ ڏئي پنهنجو وزيراعظم چونڊيو آهي. هن ملڪ جو عوام پنهنجي حقيقي اميج بينظير ڀٽو کان ملالا يوسف زئي تائين گڏ بيٺل نظر آيو آهي.
هن ملڪ جي حڪمرانن کي جيترو فڪر عالمي اميج جو آهي ايترو فڪر پنهنجي اندر جو هجي ها ته هتي چونڊيل وزيراعظمن جا لاش ڦاهي تي نه لٽڪن ها. چونڊيل وزيراعظمن جا لاش لياقت باغ جي روڊن تي رت سان رڱيل نه هجن ها. هن ملڪ جي بهتر اميج جي لاءِ هن ملڪ جي حقيقي اميج کي ڌنڌلو ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت آهي.