ڪارونجهر ۽ سنڌ جي وسيلن تي ٻيهر حملو!

0
953
اديب ۽ حڪمرانن جي ٺاهيل ڪوڙڪي!

ڪنهن به قوم وٽ معدني وسيلا هجڻ انهي قوم جي امير هجڻ جا سبب بڻبا آهن ۽ ترقي جا ضامن هوندا آهن. اها قوم ترقي صرف تڏهن ڪري سگهندي جڏهن انهن وسيلن کي استعمال ڪرڻ لاءِ خودمختياري سان فيصلا ڪري سگهي ۽ مناسب رٿابندي سان پنهنجي قومي مفاد وٽان ڪم آڻي سگهي! اسان وٽ هتي هن ملڪ ۾ ننڍن صوبن/ قومن جي معدني وسيلن جِي، ملڪ ٺهڻ کان وٺي هڪ لُٽ جاري آهي.انهي لُٽ ۾ جنهن صوبي سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي، اُهو سنڌ صوبو آهي! اسان جي ملڪ جي آئين ۾ مليل صوبن جا جيڪي اختيار ۽ حق آهن اهي به اسان جي صوبن کي نٿا ڏنا وڃن. وفاق شروع کان وٺي رڳو اسان جا وسيلا جهڙوڪ پاڻي، ٻيٽ،شهر ۽ معدني وسيلن تيل، گئس، ڪوئلو، لوڻ، چائينا ڪلي، گرينائيٽ،سون ۽ ٻيا صرف ٻهاري کنيا آهن پر بدلي ۾ اسان کي رائلٽي۾ ڇا مليو آهي؟! ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي ڪامياب وئي ، بجلي گهر لڳو، بجلي ٺهڻ شروع ٿي تڏهن اها سڌي نيشنل گرڊ ڏانهن هلي ويئي! پر ٿرپارڪر ضلعو جنهن سڄي ضلعي کي صرف 10 ميگاواٽ بجلي کپي ٿي پر انهي کي بجلي نه ڏني وئي. جن ڳوٺن جي زمينن هيٺيان ڪوئلو نڪتو،جن کي لڏايو ويو، جن جا گهر،تڙ، مال جا وٿاڻ ۽ اباڻا قبرستان لنگهه، واٽون، سيمون ۽ ٻنيون سڀ ڪجهه ڦريا ويا، انهن کي ڪمپني جي مرضي مطابق گهر ڏنا ويا، پر انهن جي گهر ۾ هڪڙو بلب ٻارڻ جيتري بجلي به نه ڏني ويئي! سنڌ جي ٻين معدني ذخيرن سان ڀريل علائقن جهڙوڪ بدين، سانگهڙ ۽ ٽنڊومحمد خان کي به سندن ئي وسيلن مان اُپت ڏيڻ لاءِ سڪايو ويو! اتي جي ماڻهن کي پنهنجي گهر جي ڪنڌي وٽ نڪتل گئس به انهن جي چُلهه يا گهر ۾ روشني ڪندڙ گولي کي به نصيب ناهي ٿي! اتان جي ماڻهن کي رائلٽي به نه ڏني وئي! باقي تيل ۽ گئس جا ذخيرا به هاڻي وڃي بچيا آهن. سڀ انهن اگهي سگهي کائي ڇڏيا آهن، ڪجهه ڏينهن پهرين اها خبر آئي ته هاڻي صرف چند سال سنڌ جا گئس ۽ تيل ذخيرا هلي سگهندا! مونکي رڳو ايترو ٻڌايو ته جڏهن ملڪ جي ٽوٽل وسيلن مان 70 ۽ 65 سيڪڙو سنڌ ڏئي پئي تڏهن اسان کي لٺ سردار نه نوڪري ٿا ڏين، نه دعا سلام ٿا ڪن، نه رائلٽي ٿا ڏين ، جڏهن اسان وٽ وسيلا ئي نه هوندا پوءِ اسان سان ڪهڙو ورتاءُ رکندا؟! ياد رهي پنجاب ۾ زير زمين مٺو پاڻي آهي اهو اڃان هڪ ڦڙو به استعمال ناهي ڪيو ويو. بچائي ويٺا آهن، اهي سمجهن ٿا ته مستقبل جام ڏکيو پيو اچي! تڏهن 7 ڏهاڪن کان وٺي صرف سنڌ ۽ بلوچستان جي ڌرتي جو پيٽ کاڌو پيو وڃي ! رهي ڳالهه اسان جي چونديل نمائندن جي، انهن جي باري ۾ ڪنهن تقرير ۾ استاد رسول بخش پليجي چيو ته اقتدار بچائڻ ڪيڏو به ڳرو شرط هوندو ته هي وڏيرا قبول ڪري ڇڏيندا!
شروع شروع ۾ ٻين ضلعن۾ جتي تيل ،گئس ۽ ڪوئلو ڪڍيائون تڏهن انهن سان به وعدا ڪيائون جيئن ٿر جي ماڻهن سان وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون هونديون ته توهان وٽ وڏي ترقي ٿيندي، توهان جا علائقا دبئي ۽ پيرس ٿي ويندا وغيره وغيره. پر ٿيو اهو جيڪو اسان سڀني جي سامهون آهي. اتي جي ماڻهن کي نوڪريون به نه ڏنيون ويون. مزدوري ڪرڻ جا ڪجهه موقعا ڏنا ويا باقي سٺيون نوڪريون ٻاهرين ماڻهن کي ڏنيون ويون. اهي ماڻهو هتي نوڪريون ڪري پنهنجون جائيدادون وٺي مچي مواڙ ٿي پنهنجا ڳوٺ، چڪ، زمينون، ديرا آباد ڪري هاڻي اسان جي عام مسڪين ماڻهن سان وڙهن ٿا،۽اهو ڪاروهنوار بلڪل سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري انتهائي خطرناڪ سازش تي عمل ٿي رهيو آهي!
ايئن ئي هن وقت اسانجي سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ ثقافت جي سڃاڻپ، هزارين سال پراڻن تاريخي ماڳن جو گڏيل رنگارنگي مُجسم، اسان وٽ پنهنجي تاريخ جو موهن جي دڙي کانپوءِ واحد هڪ بهترين ماڊل ،ڪارونجهر کي ڪورڻ جا فيصلا ڪيا پيا وڃن! ڪجهه عرصو پهرين هڪ ڪمپني FWO انهي حسين پٿر کي پنهنجي پر ۾ ڪوري کڻڻ شروع ڪيو جنهن تي پهرين مقامي ماڻهن ۽ پوءِ سڄي سنڌ جي شعور تمام وڏي مزاحمت ڪئي، احتجاج ڪيا، هر مورچي تي جدوجهد هلائي، ڪيس داخل ڪيا هڪ بهترين ردعمل کانپوءِ ڪمپني ۽ ٻِٽ بڻيل حڪمران ٿورا پوئتي هٽيا. تازو وري ڪالهه اخبارن ۾ خبر لڳي آهي ته سنڌ حڪومت ڪارونجهر جي کوٽائي ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي! انهي ۾ وري هيٺيان اهو به لکيو ويو ته مقامي ماڻهن جا خدشا دوُر ڪيا ويندا! هاڻي سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته ڪارونجهر هڪ عالمي ثقافتي ورثو آهي جنهن جي ڪٽائي سڄي ملڪ جي ماڻهن ڪيترائي دفعا ردڪري ڇڏي آهي. هتي گرينائيٽ ، چائنا ڪلي ، لوڻ توڙي ٻيا معدني وسيلا آهن، پر هي هڪ انتهائي اهم سياحت جو ماڳ آهي! هي ڪارونجهر رڳو ننگر جي ماڻهن جي ملڪيت ناهي. ننگر جي ماڻهن کي توهان مطمئن ڪري ويا ته پوءِ ڇا توهان کي سنڌي ماڻهو ڪارونجهرکي ڪورڻ ڏيندا !؟ ڇا توهان نمائندن کي نام نهاد مينڊيٽ انهي ڪري مليو هو ته اوهان اسان جا تاريخي مذهبي عبادتگاهون، سياحت جا مرڪز ۽ ثقافتي ورثا ۽ وسيلا ايئن وڪرو ڪيو؟ هڪڙي پاسي اسان جي سنڌ جا حڪمران چون ٿا ته وفاق اسان سان ظلم ٿو ڪري ٻئي پاسي وري عالمي سرمائيدارن ۽ وفاق جي ڀائيوار ڪمپني عملدارن کي پاڻ گهرائي پنهنجا وسيلا کڻڻ جي اجازت پيا ڏيو؟ ڇا اها ڳالهه سنڌي ماڻهو ڪونه ٿا سمجهن؟! اسين سڀ سمجهون ٿا. توهان ڪرسي ۽ مال جي لاءِ سنڌ جي ڪهڙي به مقدس جڳهه ڇو نه هجي وڪڻي سگهو ٿا پر سنڌي ماڻهو هاڻي سجاڳ ٿي چڪا آهن، آساني سان سنڌ جا قديم ماڳ توڙي معدني وسيلا ايئن وڪڻڻ ڪونه ڏيندا! اوهان جي پريس بيان ۾ اها به ڳالهه ڪيل آهي ته ثقافتي ماڳن کان هٽي ڪري ٻئي پاسي کوٽائي ڪئي ويندي. ڪهڙي ضمانت آهي ته اوهان انهي ڳالهه تي پورا لهندا؟ اوهان جي انهي بيان ۾ چيل ڳالهه جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ اهڙا بيان اوهان جي نمائندن گوڙاڻي ڊيم وارن کي بک هڙتال تان اٿارڻ وقت به ڏنا هئا پوءِ ڇا انهن تي ڪجهه عمل ٿيو؟ هر گز نه! ڊگهي مدي تائين ليز تي وٺڻ کانپوءِ توهان ته مقامي ماڻهن کي انهي جڳهه تي اچڻ ئي ڪونه ڏيندا ، بلڪل ايئن جيئن ٿر ڪول ايريا ۾ بلاڪن تي پابندي لڳل آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن جو وڃڻ ممنوع آهي! توهان ته چيو هو لوڪل ماڻهو لڳائينداسين، رائلٽي ڏينداسين! ٿر ۾ ترقي ٿيندي، پر ٿئي انهي جي بلڪل ابتڙ پيو ! ڪنهن هڪ ڪمپني ڪجهه ڪم ڪيو آهي اها ڳالهه ٺيڪ آهي جنهن جا ڳڻ سنڌ جا ڪجهه اديب حقيقتن کان وڌيڪ ڳائين پيا! باقي هتي ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪم ڪن پيون پر ٿر جي ماڻهن جي لاءِ ڪو خاص پيڪيج ناهي، مينيجمينٽ يا آفيسر سطح جي نوڪري ناهي باقي مزدور لڳايا وڃن ٿا ۽ ڊمپر ڊرائيور لڳايا وڃن ٿا پر انهن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي جو اهي سر بچائي ڀڄي ٿا وڃن. ڪيترائي ماڻهو مري چڪا آهن. تازو هڪ انجنيئر هريش نالي گذاري ويو جيڪو مسلسل شڪايت ڪندو رهيو پر علاج لاءِ انهي کي ٻاهر نه ڇڏيو ويو. اهڙي ڪارستاني کي عمل ۾ آڻيندڙ ڪمپنيون ڪهڙي ضمانت ڏينديون ته سڀاڻي انهي ڪارونجهر جي تاريخي ماڳن جو خيال رکيو ويندو! سنڌ جي ماڻهن جو انهن عالمي سرمائيدار ڪمپنين تي اعتماد ناهي! انهن معاملن تي قانونسازي ڪئي وڃي! باقي ڪارونجهر سنڌ جي نراڙ جو انمول سُنهري جهومڪ آهي انهي جي وجود کي چورائڻ جي اجازت ڏيڻ جا اختيار ڪنهن صلاحڪار يا ميمبر وٽ ناهن اهو تهذيب جي وجود ۽ ثقافتن جي امين ورثي جو معاملو آهي اهو معاملو قومن جو مجموعي شعور حل ڪندو !