زمين جي ٽڪري خاطر قيمتي جانين جو ٿيل نقصان

0
276
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

خالد ميمڻ ڦل مان لکي ٿو

ڦل ڀرسان ديھه ويسر لڳ موجود قبرستان اگهن عرف عزت شاهه جي زمين تي تقريبن هڪ سال اڳ اتان جي مختلف برادرين جن ۾ کوسا،چانڊيا،لغاري،سيد وغيره شامل آھن جن جا وڏا ان قبرستان ۾ دفن ٿيل آھن جو اتان جي ئي ڳوٺ امين جويو جي جويا برادري سان قبرستان سان لڳو لڳ ٽريڪٽر هلائڻ تان جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ جويا برادري جي ماڻھن جو موقف هو ته جتي اسان ٽريڪٽر هلايون پيا اها اسان جي زمين آھي ۽ ان جو رڪارڊ پڻ اسان وٽ موجود آھي جڏهن ته ٻين برادرين جي ماڻھن جو چوڻ هو ته اگهن عرف عزت شاهه قبرستان هڪ قديمي پراڻو قبرستان آھي ۽ مختلف برادرين جا وڏا هتي مدفون آھن ۽ هن جي حد به تمام وڏي آھي ۽ جويا برادري جا ماڻھو جتي پنهنجي زمين سمجهي ٽريڪٽر هلائين پيا اهو قبرستان جو حصو آھي، جنهن تان هنن جو جهيڙو ٿيو هو ۽ اهڙيون جهڙپون هنن جون هڪ ٻئي خلاف ٻه ٽي دفعا ٿيون هيون جنهن تي جويا برادري جي ماڻھن ۽ ٻين برادرين جي ماڻھن هڪٻئي خلاف احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا هيا ۽ جويا برادري جي طرفان تقريبن 22 ماڻھن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو هو جيڪو ڪيس پڻ هلندڙ هو ته ان ئي معاملي تي جويا برادري جي ماڻھن جو ان ئي زمين تي پاڻي وارو هو ته جويا ۽ چانڊيا برادري جا ماڻهو وڙھي پيا، جنهن ۾ ٻه قيمتي انساني جانين جو نقصان ٿي پيو. ڪنهن به انسان جي جان چاهي اهو ڪهڙي به برادري،مذھب يا فرقي سان تعلق رکي پر اها جان انتهائي قيمتي آھي، ان جي قيمتي هجڻ جو احساس ماءَ، پيءَ کان پڇو ته ڪيئن اهي راتين جون راتيون جاڳي سردي گرمي جي اثرن ۽ بيماري ۾ ان کي بيماري کان بچائڻ جي لاءِ ڪيتري ته محنت ۽ تڪليفون برداشت ٿا ڪن ۽ اسان ماڻھو ٿوري زمين جي ٽڪري جنهن جي حقيقت ۾ ڪابه حيثيت ڪانه آھي ان ڪري ان جي جان وٺي ٿا ڇڏيون. ساهواري جان ته هميشھ لاءِ هلي ٿي وڃي، واپس ڪانه ٿي اچي پر ان قيمتي جان جي وڃڻ جي ڪري سندن والدين،مٽن مائٽنکي جيتري تڪليف اچي ٿي، ڇا اها بچيل بي جان زمين اها ساهواري جان کي واپس آڻي سگهي ٿي ۽ ماءَ پيءَ کي پهتل تڪليف ختم ڪري ٿي سگهي؟ نه بلڪل به نه اسان انسان ان سلسلي ۾ بلڪل به خساري ۾ آھيون. اوهان ڀلي دنيا جي تاريخ پڙهو وڏين وڏين سلطنتن جي بادشاهن پنهنجي بادشاهي جون حدون وڌائڻ جي لالچ ۾ يا بادشاهي برقرار رکڻ جي لاءِ لکين ڪروڙين ماڻھو مارائي ڇڏيا. انهن مائرن جون جهوليون خالي ڪرائي ڇڏيون پر افسوس ته اهي پاڻ به بچي ڪونه سگهيا ۽ جڏهن وقت پورو ٿيو ته وڏي طاقت وڏو دٻدٻو هوندي به پاڻ بچائي نه سگهيا ۽ وڏي ڳالھه ته پاڻ سان گڏ به ڪجھه نه کڻي سگهيا. بادشاهه سڪندراعظم جنهن تقريبن سڄي دنيا فتح ڪري ڇڏي هئي اهو به هن دنيا مان هليو ويو سو به هٿين خالي هليو ويو. سو درگاهه اگهن عرف عزت شاهه جي قبرستان جي زمين تي ٿيل تڪرار ۾ ٻن انتهائي قيمتي جانين جي نقصان جو جيترو به ڏک افسوس ڪجي اهو گهٽ آھي ۽ ٻه ٽي دفعا ڌرين جي وچ ۾ ٿيل جهڙپن تي جيڪڏهن اتان جا معززين،چڱا مڙس ڪوششون ڪري ٻنهي ڌرين کي هڪ هنڌ ويهاري رڪارڊ ڏسي انهن جو ڪو فيصلو ڪري ڇڏين ها ته هوند هي قيمتي انساني جانيون بچي پون ها. اسان جي معاشري ۾ هاڻي ڪجھه خراب روايتن به جنم ورتو آھي ته سڀڪو اهو ٿو چئي ته ان مسئلي ۾ منهنجو ڇا ؟ مڃون ٿا ته واقعي اڄ ڪلھه ڏاڍو ڏکيو زمانو اچي ويو آھي ۽ ڪنهن جي مسئلي ۾ پوڻ به نه گهرجي پر جيڪي برادرين جا اڳواڻ ٿين ٿا جن کي پڳ ئي ان جي ڪري ٻڌرائي ويندي آهي ته اهي برادرين ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ٿيندڙ مسئلن کي انتهائي معاملي تائين پهچڻ کان اڳ ختمڪرائي ڇڏيندا باهه جيڪڏهن ننڍي هوندي آھي ته ان کي وسائڻ آسان هوندو آھي پر جيڪڏهن باهه ڀڙڪي ڀڙڪي ڀڀڙ ٿي ويندي آھي ته ان کي وسائڻ تمام ڏکيو ڪم هوندو آھي ۽ ان باهه جا شعلا اوڙي پاڙي کي ساڙي رکندا آھن. سو جيڪڏهن برادرين جا معززين ان مسئلي کي وقت سان حل ڪرائي ڇڏين ها ته اڄ انهن قيمتي جانين جو نقصان نه ٿئي ها ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي ٻين ادارن خاص طور پوليس جو ڪم به بنھه نه هجڻ جي برابر بچيو آھي. پوليس رڳو ڌرين کان مال ميڙڻ ۾ رڌل رهي ٿي، ان ڪري جيڪو پئسي ۽ اثر رسوخ وارو آھي ته ان جي ڳالھه هلي ٿي باقي غريب مسڪين ماڻھو انصاف لاءِ بس دانهون ئي پيا ٿا ڪن پر سندن ٻڌڻ وارو ڪوبه نه آھي جيڪا ڳالھه پڻ وڏي افسوس واري آھي ان لاءِ اسان جي حڪومت،هر علائقي جي ڊي سي،ايس ايس پي ۽ هر ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کي پابند ڪيو وڃي ته جتي به ٿوري به باهه لڳي ٿورو به مسئلو ٿئي ته ان کي اتي ئي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن اها باهه وڌي ڀڀڙ نه بڻجي ۽ قيمتي انساني جانيون بچي سگهن.