ننگرپارڪر (ن پ ا) ڪارونجهر جبل جي قيمتي پٿرن جو غيرقانوني وڪرو رڪجي نه سگهيو، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪارونجهر جبل جي پهاڙي سلسلي کارسر جبل مان  بااثر ڌريون سوين مڻ  قيمتي ڳرا گرينائيٽ جا پٿر ڪڍي هيوي ٽرالرن ذريعي ڪراچي منتقل ڪرڻ لڳيون آهن، جڏهن ته صوبائي وزير سردار شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ ڪارونجهر جا پٿر کڻڻ وارن خلاف جلسي ۾ ڪاروائي جي هدايت ڪئي هئي پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، هوڏانهن مائنز  ۽ منرل کاتو پڻ خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن ۽ هزارين جاندارن جي جياپي جو ذريعو آهي، پٿر کڻڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڪارونجهر بچايو وڃي.