لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) بابا گرو نانڪ جي 553 هين جنم ڏينهن جي تقريبن ۽ رسمن ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن تان خصوصي ٽرين 1500 ياترين کي کڻي ننڪانه صاحب رواني ٿي وئي آهي.لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ ضلعن سميت ٻين شهرن جا رهواسي هندو، سک ۽ باگڙي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ مردن سان گڏ وڏو انگ عورتن ۽ ٻارڙن جو شامل هو.ياترين جا ڪيترائي مائٽ کين الوداع چوڻ لاءِ پڻ اسٽيشن تي موجود هئا. ان موقعي تي هندو برادري جي ماڻهن ٻڌايو ته اسان هر سال بابا گروناڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ننڪانه صاحب ويندا آهيون.هنن ٻڌايو ته بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن تي اسان پوڄا پاٽ ڪري ۽ مختلف رسمن ۾ به شرڪت ڪندا آهيون، جتي ملڪي سلامتي لاءِ خصوصي دعا گھريون وينديون آھن جنم ڏينهن جي تقريبن جي پڄاڻي بعد ساڳي ٽرين ۾ واپس ايندا آهيون.