سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر طرفان روھڙي ٿاڻي جي ايس ايچ او سميت 12 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم تي ايس ايچ او، چوڪي انچارج سميت ٻين خلاف ڪيس داخل، ان  ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي روهڙي اڇيون قبيون جي رهواسڻ مسمات ياسمين زال علي ڏنو شيخ روھڙي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته 12 آڪٽوبر 2021ع تي روهڙي ٿاڻي جي ايس ايچ او ثناءُ الله کونهارو، چوڪي انچارج اجمل عرف ججي ڪٽپر سميت 12 اڻ سڃاتل جوابدارن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي داخل ٿيا، معلوم ڪرڻ تي اسان کين ٻڌايو ته ڀاءٌ ياسين شيخ گھر ۾ ناھي، جنھن تي ھنن گھر ۾ پيل سامان جي ڀڄ ڊاھ ڪئي، الماڙيءَ ۾ رکيل 12 ھزار رپيا روڪ رقم، موٽر سائيڪل، گھر جا ڪاغذ کڻڻ لڳا، امڙ ۽ ڀاڄائي طرفان منع ڪرڻ تي ھنن اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيندي چيو ته ٻيھر اينداسين، تنھنجي ڀاءُ  ياسين کي کڻي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ماري ڇڏينداسين، جنھن بعد ھٿيارن جي زور تي سامان کڻي فرار ٿي ويا.  جنھن کان پوءِ انصاف لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو، ماتحت عدالت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر اِن باوجود ايف آءِ آر داخل نه ٿي ۽ جوابدارن ففٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت طرفان ايف آءِ آر واري حڪم کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ چئلينج ڪيو، عدالت  اسان جي فرياد ٻڌندي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ وارو حڪم بحال رکيو. جنھن تي اسان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پھتا آھيون.جڏهن ته  مليل ڄاڻ موجب ايس ايچ او روهڙي ثناءُ الله کونهارو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت درخواست داخل ڪرائي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي آھي.