ڪوٽڙي (رپورٽر) ڄامشوري ۾ ڪالج آف نرسنگ  جي شاگردن۽ شاگردياڻين طرفان ھيلٿ ميلو لڳايو ويو. بي ايس اين سيشن 20- 22  جي شاگردن لاء لڳايل هيلٿ ميلي ۾  شاگردياڻين پاران  مختلف اسٽال لڳايا ويا. شاگردن پاران لڳايل اسٽالز ذريعي سيفٽي، رسڪ ۽ ان کان بچاء بابت شاگردياڻين ۽ شاگردن کي معلومات ڏني ويئي گڏوگڏ ڏندن جي صاف سٿرائي، برش ڪرڻ جي ٽيڪنيڪ ۽ ٻي اھم معلومات سان گڏ ڊائٽ، غذائي کوٽ ۽ عام زندگي جي  کاڌي پيتي جي شين متعلق ڄاڻ پڻ ڏني ويئي. لڳايل اسٽالز تي ھٿن جي صفائي، ان جي طريقي ڪار ۽ صحت جي ٻين معاملن ٿي پڻ ڄاڻ ڏني وئي. ان موقعي تي نرسنگ ڪاليج جي پرنسپل رحمت اللہ وینجھر ۽ ٻين چيو ته ھن قسم جون سرگرميون شاگردن ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. مهمانن پاران بھترين ۽ ڪامياب پروگرام ترتيب ڏيڻ تي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي امتياز علي ڪوري، فياض علي لنڊ، غلام قادر ميمڻ، عابد علي بڙدي، محسن ابڙو، اظھر حسين ، آفتاب جان مينگل ۽ ٻين شاگردن جي محنت کي ساراهيو ويو.