ڪابينا اجلاس: وزيراعظم ٽي ايل پي جي معاملي تي ميمبرن کي ڳالهائڻ کان منع ڪري ڇڏيو

0
194
وزيراعظم ٽي ايل پي جي معاملي
ڪابينا اجلاس: وزيراعظم ٽي ايل پي جي معاملي تي ميمبرن کي ڳالهائڻ کان منع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم ميمبرن کي پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي معاملي تي بحث ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته اهو حساس معاملو آهي، ان معاملي جي جاچ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته معاملا خوش اسلوبي سان حل ڪيا پيا وڃن. ذريعن موجب وزيراعظم اليڪشن ڪميشن جي معاملي تي وفاقي وزيرن کي هدايت ڪندي چيو ته فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي سان گڏ ٻيا وزير به اليڪشن ڪميشن ۾ وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سمورن وزيرن کي يڪ زبان هجڻ جي به هدايت ڪئي آهي.