انگلينڊ کي صرف پاڪستان يا افغانستان هارائي سگهي ٿو: ڪيون پيٽرسن

0
293
انگلينڊ کي صرف پاڪستان يا افغانستان هارائي سگهي ٿو: ڪيون پيٽرسن
انگلينڊ کي صرف پاڪستان يا افغانستان هارائي سگهي ٿو: ڪيون پيٽرسن

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن چيو آهي ته ٽي ٽوئينٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ کي پاڪستان يا افغانستان ئي هارائي سگهي ٿو

پيٽرسن پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته هن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ صرف پاڪستان يا افغانستان اهڙي پوزيشن ۾ آهن جيڪي با آساني سان انگلينڊ کي شڪست ڏئي سگهن ٿا

هن وڌيڪ لکيو ته اهو صرف انهي صورت ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ميچ شارجه ۾ استعمال ٿيل وڪٽ تي کيڏي وڃي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ون ۾ انگلينڊ سريلنڪا کي 26 رنز تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته پاڪستان هن وقت تائين سپر 12 مرحلي ۾ ناقابل شڪست رهيو آهي