ڪئناڊا ۾ لائيڊ جو گهر ۽ سنڌ جا تاريخي ماڳ …

0
518
دنيا کان ڪٽيل پر اوچي ڳاٽ سان رهندڙ ڪيوبا

لائيڊ جو گهر يا انگريزي ۾ Loughed House ڪئناڊا جي صوبي البرٽا جي شهر ڪيلگري جي وچ شهر يعني Downtown ۾ موجود هڪ تاريخي قومي ورثي جي سائيٽ آهي.

هي محل نما گهر سن 1891 عيسوي ۾ هتان جي هڪ شاهوڪار سينيٽر James Alexander Lougheed ۽ سندس زال Isabella Clarke Hardisty پنهجي خاندان لاء ٺهرايو هو. هن گهر جو اصل نالو Beaulieu  هو جنهن جو فرينچ ۾ مطلب آهي: خوبصورت محل. هن گهر ۾ برطانيا جي شاهي خاندان ۽ دنيا جون ٻيون مشهور شخصيتون به مهمان طور اچي چڪيون آهن ۽ ان سان گڏ هن گهر ۾ پنهنجي دور جون ڪئين اهم تقريبون ٿيڻ جو پڻ اعزاز آهي. هاڻ ته هي گهر ڪيلگري شهر جي بلڪل وچ بيلٽ لائين واري ڪميونٽي ۾13 Ave SW ۽ 6 Street SW جي انٽرسيڪشن تي آهي پر ان زماني ۾ هي گهر ڪيلگري جي ٻهراڙي وارو علائقو سڏبو هو. مين شهر هتان کان تقريبن 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي بو درياءُ Bow River ۽ ايلبو درياءُ Elbow River جتي پاڻ ۾ ميلاپ کائن ٿا اتي Fort Calgary وٽ هو.

 

1925ع ۾  James Loughed گذاري ويو، خاندان جون مالي حالتون خراب ٿيڻ لڳيون ۽ بعد ۾ 1936ع ۾ سندس زال ايزابيل به گذاري وئي. پويان سندس اولاد وٽ ايترا پئسا به ڪونه هئا جو هن گهر لاءِ ميونسپل جو ٽيڪس ادا ڪري سگهن. سو اهو خاندان هي گهر ڇڏي هتان لڏي ويو ۽ ڪيلگري جي ميونسپل سرڪار ان کي پنهجي مالڪي ۾ آندو.  بعد ۾ هي گهر مختلف مقصدن لاءِ پڻ استعمال ٿيندو رهيو، جنهن ۾ هلال احمر يعني Red Cross Society وارن جي بلڊ  بئنڪ طور، عورتن جي هنر جي سکيا واري مرڪز  ۽ ٻي جنگ عظيم جي دوران هي هڪ نرسنگ سينٽر يا بيرڪ جي طور به استعمال ٿيو. بعد ۾ هتان جي صوبائي سرڪار هي تاريخي گهر خريد ڪري ان کي سال 1972 ۾ صوبائي تاريخي ورثو قرار ڏنو. ان کان پوءِ وري سال 1992ع ۾ ڪئناڊا جي وفاقي سرڪار هن گهر کي هڪ قومي تاريخي ورثي يعني National Historic Site جو درجو ڏئي اتي هاڻ هڪ ميوزيم بڻايو ويو آهي. ان گهر کي  لائيڊ هائوس ڪنزرويٽو سوسائٽي جيڪو هڪ نان پرافٽ يعني غير منافع بخش ادارو آهي ان جي حوالي هن گهر جي سار سنڀال ڏني وئي آهي. هتي روزانو ڪيترائي سياح هي تاريخي عمارت گهمڻ اچن ٿا. نوان شادي شده جوڙا پنهجي شادي جا فوٽو ڪڍائڻ لاءِ به هتي اچن ٿا.

هن محل نما تاريخي گهر بابت وڌيڪ تفصيل هن ويب سائيٽن تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا https://lougheedhouse.com يا https://en.m.wikipedia.org/wiki/Lougheed_House

 

جيئن ت هي تاريخي ورثي وارو لائيڊ جو گهر جتي اسان رهون ٿا ان ئي پاڙي ۾ ويجهو آهي سو اڄ شام پنهجي ٻارن سان گڏ گهر کان ٻاهر پنڌ ڪندي وڃي اتي پهتاسين. خوبصورت صاف سٿرائي واري ماحول ۾ ڪيترائي ماڻهو هن گهر جي ٻاهران ٺهيل خوبصورت باغيچي ۾ پنهجن گهر وارن ۽ سندن پاليل ڪتن سان موسم جو مزو وٺي رهيا هئا ته ڪٿي وري وڻن جي ڇانو هيٺ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪتاب پڙهي رهيا هئا. هر طرف گلن جي خوشبو وارو ماحول لڳو پيو هو.

هي گهر گهمندي منهنجي ذهن ۾ بار بار اهي سوال اڀري رهيا هئا ته ڏسو هي انگريز پنهجي تاريخي شين ۽ ماڳن جي ڪيڏي نه مالڪي ۽ حفاظت ڪن ٿا ٻي پاسي اسان وٽ سنڌ ۾ اڃا ڪجهه ئي ڏينهن اڳ حيدرآباد جي تاريخي پڪي قلعي جي رهجي ويل آخري نشاني سندس مين گيٽ به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏين. ڪنهن جي مٿي تي جون به ڪانه سري! اسان وٽ سنڌ ۾ کوڙ ساريون اهڙيون تاريخي عمارتون هيون جيئن: ڪراچي جي حيدر منزل، حيدرآباد ۾ حيدر بخش جتوئي منزل، ماتلي ۾ ڦليلي واهه جي ڪناري باباءِ ثقافت رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي اوطاق ماءِ نيسٽ، بدين ضلعي ۾ ٽنڊي باگي ويجهو کڏهڙو ۾ مير حاجي خدا بخش ٽالپر عرف مير لامبٽ جو مشهور صاحب محل، ٽنڊي فضل ۾ هنڱورجن جون ماڙيون، هير آباد حيدرآباد ۾ ڪئين پراڻا هندن جي زماني جا عاليشان محل نما گهر، هوڏانهن شڪارپور جي اندر ڪئين پراڻيون خوبصورت عمارتون هجن، حيدرآباد جو ڪچو قلعو  يا ڪراچي شهر جون پراڻيون عمارتون هجن يا سنڌ ۾ اهڙيون ٻيون جڳهيون سڀ يا ته ڊهي پٽ ٿي ويون آهن يا ڏينهن پڄاڻا سار سنڀال نه هئڻ ڪري اڄ ڪرن يا سڀاڻي پوءِ ڪل پيران دا خير! پر افسوس ن اسان جي حڪومت ۽ نه ئي ڪنهن سول سوسائٽي جي اهل دانش يا معاشري جي امير ماڻهن انهن جو قدر ڪيو ۽ نه ئي وري اسان مجموعي طور پاڻ انهن ماڳن کي بچائي سگهياسين. ڳالهه صرف وسيلا هجڻ جي ڪونهي پر بنيادي سوال اهو آهي ته اسان پنهجن انهن تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ ڪيترا سنجيده آهيون؟