افغاني اقتدار جي تاريخ ۽ سنڌ تي اثر

0
278

اهو 1973 جو زمانو هو جڏهن افغانستان جو آخري بادشاهه ظاهر شاهه 8 نومبر 1933ع کان وٺي  ملڪ جو بادشاھ بڻيل هو. 17 جولائي 1973 کان اڳ جيسين سندس بادشاهت جو اڃا سورج غروب ڪونه ٿيو هو، تيسين افغانستان جي بادشاھ ظاهر شاھ تي آمريڪا بهادر جو وڏو آشيرواد هو، ان ڪري 60 جي ڏهاڪي تائين مشهور آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي سان سندس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون هيون. ظاهر شاهه جڏهن اٽلي جي دوري تي روم  پهتو ته پويان سندس سئوٽ دائود خان سندس بادشاهت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هن افغانستان مان بادشاهت جو خاتمو ڪري ملڪ ۾ صدارتي نظام رائج ڪري پاڻ ملڪ جو صدر ٿي ويو. دائود خان جو وري پورو جهڪاءُ ڪميونسٽ لڏي  ڏانهن هو. ظاهر شاهه جو تختو اونڌو ٿيڻ کان اڳ ۾ افغانستان ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي افغانستان ۾ بادشاهي نظام خلاف ميدان عمل ۾ آئي. پي ڊي پي جو لاڙو به ڪميونسٽ پارٽي ڏانهن هو،  نور محمد ترڪئي، حافظ الله امين سميت ٽي اهڙا ماڻهو هئا جيڪي ان وقت پي ڊي پي کي هلائي رهيا هئا. پوءِ ملڪ ۾ سول وار شروع ٿي وئي. پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي هلايل هلچل دوران ملڪ جو صدر دائود خان پنهنجي سموري خاندان سميت اپريل 1978ع ۾ ڪابل ۾ مارجي ويو جنهن کان پوءِ  نور محمد ترڪئي افغانستان جو نئون صدر ٿي ويو.

نورمحمد ترڪئي جي صدر چونڊجڻ کان پوءِ به ملڪ ۾ سول وار هلندي رهي. نه رڳو ملڪ ۾ پر ان عرصي دوارن پارٽي اندر به اقتدار جي رساڪشي جاري هئي ۽ نتيجي ۾ آڪٽوبر 1979ع يعني ڏيڍ سال جي اندر نورمحمد ترڪئي به قتل ٿي ويو. جنهن کان پوءِ سندس ئي ساٿي حفيظ الله امين ملڪ جو صدر ٿي ويو جنهن جي صدر ٿيڻ کانپوءِ هن جو سنئون سڌو رابطو آمريڪي سي آءِ اي سان ٿيو. آمريڪي سي آءِ اي سان ويجهڙائپ جي خبرن کان پوءِ ان وقت جي ٻي عالمي طاقت روس کي سخت ڪاوڙ آئي ڇاڪاڻ ته رشيا جو ئي افغانستان تي اثر رهيو هو جنهن بعد هڪ خفيه آپريشن ۾ هن کي رات جي مانيءَ ۾ زهر ڏئي مارايو ويو. اهڙي طرح حفيظ الله امين صرف 3 مهينا افغانستان جو صدر رهيو ۽ باوجود ان جي جو حفيظ الله امين ئي روس جي فوجين لاءِ افغانستان اچڻ جي راهه هموار ڪئي ليڪن سندس آمريڪي سي آءِ اي جي رابطي جي خبر کانپوءِ کيس مارايو ويو، هن جي موت کان پوءِ روس جي ئي مدد سان ببرڪ ڪارمل افغانستان جو صدر ٿي ويو جنهن کي ڪميونسٽ پارٽي آف رشيا جي مڪمل حمايت حاصل هئي. هو 1979 تائين ملڪ جو صدر رهيو. روسي حمايت هجڻ سبب هن جي خلاف آمريڪا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل حڪمت عملي سان افغانستان ۾ تحريڪ هلرائي وئي ۽ هڪ جهادي تنظيم وجود ۾ آڻي کيس جديد قسم جا هٿيار ۽ پئسا آمريڪا طرفان ڏنا ويا ۽ هٿيار ۽ پئسا ايتري انداز ۾ پهتا جو  جنگين ۽ ويڙهه جي باوجود اڃا تائين اهي هٿيار ختم ٿي نه سگهيا آهن.

7 سالن جي ان جدوجهد ۾ ببرڪ ڪارمل کي ايترو ته ڪمزور ڪيو ويو جو ان پاڻ ئي ملڪ جي صدارت تان استعيفا ڏيئي ڇڏي. سندس جاءِ تي ڪامريڊ نجيب الله کي صدر مقرر ڪيو ويو جيڪو روسي انٽيليجنس ايجنسي KGB جو تربيت يافته ۽ ان تنظيم جو ڪابل ۾ هيڊ هو. نجيب الله 1992ع تائين ملڪ جو صدر رهيو. افغان مجاهدين هن خلاف اسلام جي نالي تي ۽ ڪميونسٽ جي خلاف جنگ ڪندا رهيا، ڪامريڊ نجيب الله خلاف افغان جهادين جي اڳواڻي گلبدين حڪمت يار ۽ احمد شاه مسعود ۽ عبدالرشيد دوستم ڪري رهيا هئا. رشيد دوستم شروع ۾ ته نجيب الله سان گڏ هو ليڪن بعد ۾ مجاهدين سان ملي ويو هئو. مجاهدين ڪابل تائين پيش قدمي ڪئي پر نجيب الله وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. افغان مجاهدين حامي ڌرين جو خيال آهي ته هن ڀارت وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڀارت وڃڻ جي اجازت نه ملي پر افغانستان جي اها ڪا پراڻي تاريخ ناهي جو حقيقتون لڪل هجن. افغان مجاهدين جي پيش قدمي دوران جڏهن ڪامريڊ نجيب الله پنهنجو سمورو خاندان افغانستان مان ڪڍي ڇڏيو تڏهن سندس ملڪ مان نڪري وڃڻ ۾ پڻ ڪوبه مسئلو نه هو پر هن ايئن نه ڪيو ۽ پنهنجي ئي ڌرتي تي مرڻ پسند ڪيو. هن پنهنجي ئي ملڪ ۾ رهي ڪابل ۾ واقع  اقوام متحده جي آفيس ۾ پناهه ورتي جتان افغان مجاهدين کيس پڪڙي قتل ڪرڻ کان پوء سندس لاش ڪابل جي چوڪ تي ٽنگي ڇڏيو جتي ٽن ڏينهن تائين سندس لاش جي تذليل ٿيندي رهي.

ڪامريڊ نجيب الله جي  استيعفي’ کان پوءِ برهان الدين رباني ملڪ جو صدر ٿي ويو. اها 1992ع جي ڳالهه آهي، ان دوران مجاهدين جيڪي آمريڪا جي مدد سان افغانستان ۽ رشيا خلاف جهاد ڪري رهيا هئا ۽ پاڪستان ۾ ڪافي افغانين تربيت حاصل ڪئي سي سڀ افغان پهتا. افغانستان پهٿل طالبان  ۾ پاڪستاني ۽ سعودي عرب جا طالب به شامل هئا جن طالبان نالي تنظيم ٺاهي مجاهدين جي جاءِ تي اڳيان آيا ۽ ملڪ ۾ شرعي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. ان دوارن آمريڪا جي ئي مدد سان اسامه بن لادن پڻ مجاهدين سان وڃي مليو جنهن کان پوءِ القاعده جو هيڊڪوارٽر به افغانستان ۾ قائم ٿيو ۽ لادن ان جو سربراهه بڻجي ويو جنهن طالبان کي به آمريڪا خلاف جهاد لاءِ تيار ڪيو ۽ سموري دنيا ۾ آمريڪي ٺڪاڻن تي حملا ڪرڻ جي به تياري شروع ٿي وئي. هي اهو زمانو هو جڏهن افغانستان مان رشيا جو اثر به ختم ٿي چڪو هي ۽ رشيا گورباچوف جي حڪمراني واري دور ۾  1979ع ۾ ئي ٽٽي ٽڪرا ٿي چڪو هو ۽ روس مان ڪيتريون ئي رياستون الڳ ملڪ طور آزاد ٿي چڪيون هيون. تنهن هوندي به افغانستان تي روس جو رهيل سهيل اثر به لادن ۽ طالبان جي جهادي جنگ کانپوءِ ختم ٿي ويو هو. هاڻي القاعده ۽ طالبان به هڪ ٿي چڪا هئا ۽ اسامه بن لادن طالبان جي مالي مدد به ڪري رهيو هو ڇاڪاڻ ته بن لادن سعودي عرب جو شاهوڪار ترين ماڻهو هو. اهڙي طرح 1996 ۾ ملا عمر افغانستان جو اميرالمومنين ٿي ويو ۽ ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪري سمورا بنيادي انساني حق ختم ڪيا ويا.

اسامه بن لادن جو نيٽ ورڪ تمام تيز هو ۽ هن آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ جهازن جي ذريعي حملو ڪرائي تباھ ڪري ڇڏيو، ان حملي ۾ هڪ اندازي موجب نيويارڪ ۾  2750 ماڻهن جو قتل ٿيو ۽ زخمين جو تعداد 5 هزارن کان وڌيڪ هو. آمريڪا ان حملي ۾ مڪمل طور لڏي ويو ۽ دنيا ڀر ۾ سندس وڏي رسوائي پڻ ٿي. آمريڪي خفيه ايجنسين آمريڪا جي صدر جارج ڊبليو بش کي رپورٽ ڏني ته هي حملو القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن ڪرايو آهي ۽ سندس هيڊڪوارٽر افغانستان ۾ آهي. آمريڪي صدر باضابطه طور افغانستان جي ملا عمر جي حڪومت کان اسامه بن لادن جي گهر ڪئي ته ان القاعده جي سربراهه کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي ليڪن افغان حڪومت جي ملا عمر جي حڪومت آمريڪا کي جواب ڏنو ته هي شخص اسانجو مهمان آهي ۽ اسين ان کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. ان جي جواب کانپوءِ آمريڪا 17 آڪٽوبر 2001 ع تي افغانستان تي حملو ڪري ڏنو.

آمريڪي حملي سبب افغانستان ۾ آمريڪي حمايت يافته حڪومت قائم ٿيڻ سان گڏ سموري خطي جي سياست تي گهرا اثر پيا، پاڪستان ۾ لکن جي تعداد ۾ افغان پناهگير آيا ۽ اهي تربيت يافته طالبان پاڪستان ۾ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خودڪش حمله ڪرڻ لڳا. جيتوڻيڪ طالبان جي اها طاقت  مڪمل پسپا ٿي چڪي هئي پر پوءِ به آمريڪي حمايت واري حڪومت ۾ طالبان لڪي ڇپي ساھ کڻندا رهيا. هن وقت جڏهن هڪ دفعو ٻيهر افغانستان ۾ اسلامي حڪومت جو قيام آندو ويو آهي تڏهن بنا ڪنهن خون خرابي جي آيل هيڏي وڏي تبديلي تي دنيا جا مڃيل مبصر اهي تبصره ڪري رهيا آهن ته آمريڪي فوجن جي موجودگي باوجود بنا ڪنهن خون خرابي جي حڪومت تي طالبان ۽ انهن جي حمايت جي قبضي جي پٺيان دراصل آمريڪا جو ئي آشيرواد شامل آهي. اهوئي سبب آهي جو افغانستان جي حڪومت تي ٿيل تازي قبضي کان پوءِ دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان ڪو خاص رد عمل سامهون ناهي آيو ۽ اڻ سڌي ۽ اڻ اعلانيل طور لڳي ايئن رهيو آهي ته سموري دنيا افغانستان جي هن تبديلي ۾ يا ته اڳواٽ راضي هئي يا وري آمريڪا بهادر جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ خاموش آهي.

1992ع کان 2002ع تائين 10 سالن ۾ 40 لک افغاني لڏپلاڻ ڪري پاڪستان اچي پناهه ورتي هئي جن جون پاڪستان ۾ رهائش لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون ويون هيون، ڪراچي ۾ هنن جو تعداد به ڪافي هو، ايتري قدر جو ڪراچي ۾ افغان بستيون قائم ٿي ويون، هاڻ ته انهن مان ڪيترن جون هتي ملڪيتون به آهن ۽ هتان جا مقامي پٺاڻ به انهن جا سهولتڪار آهن. اهوئي نه پر ڪيترن ئي افغانين جا سنڌ ۾ شناختي ڪارڊ پڻ ٺهي چڪا آهن جنهن سان سنڌ کي انتهائي وڏو خطرو به پيدا ٿي ويو آهي. اها صورتحال رهي ته  سنڌي ماڻهو سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. هن وقت آبادي جي حساب سان سنڌ ۾ اردو آبادي ٻئي نمبر تي آهي پر افغانستان ۾ تازي صورتحال سبب امڪاني لڏپلاڻ سبب افغانين جي اچڻ جي ڪري اردو آبادي ٽئين نمبر تي اچي ويندي ۽ ٻئي نمبر تي پختون آبادي هوندي ۽ مجموعي طرح سنڌي – پنجابي پٺاڻن ۽ برمين بنگالين ۽ اردو کي ملائبو ته اهي غيرسنڌي  ٻئي نمبر تي ٿي ويندا. هن سموري تاريخ تي نظر وجهبي ته آمريڪا طالبان خلاف 20 سالن جي جنگ ۾  اندازن 20 هزار ارب ڊالر خرچ ڪيا ۽ پنهنجا توڙي اتحادين جا هزارين فوجي به مارائي آخر وڃي طالبان سان قطر ۾ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهيل طالبان جي اڳواڻن سان معاهده ڪيا ۽ بنا رتو ڇاڻ جي پنهنجا فوجي افغانستان مان ڪڍي ويا. طالبان آمريڪا جي ڏنل رستي تي هلي رهيا آهن ۽ جلد دنيا جا ملڪ طالبان جي حڪومت کي تسليم به ڪندا. هي  پري پلان اقتدار جي منتقلي هئي جنهن ۾ آمريڪا گوڏا کوڙيا ۽ افغانستان مان هٿ پٽي حڪومت طالبان جي حوالي ڪئي. هاڻ هن سموري ڊرامي جي پويان سنڌ جي لاءِ هڪ وڏي سازش نظر اچي رهي آهي جو هاڻ افغانستان جا اهي ماڻهو جيڪي آمريڪين سان گڏ رهيا يا جيڪي طالبان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا انهن کي اهو وڏو بهانو آهي ته اسان کي ملڪ ڇڏڻ جي صورت ۾ دنيا مدد ڪري، جو انهن 20 ساله جنگ ۾ آمريڪا ۽ انهن جي اتحادين جو ساٿ ڏنو جنهن ۾ يورپ ۽ افغانستان جا ويجها ملڪ پاڪستان، هندستان، ايران ۽ چين پڻ شامل آهن ليڪن هن سموري ڪهاڻي جي پويان هڪ عالمي سازش اها آهي ته افغان پناهگيرن کي هڪ دفعو پاڪستان ۾ آڻي ۽ انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ ڌرتي تي مني افغانستان ٺاهيو پيو وڃي. ان ڪري سنڌي ماڻهن جي ووٽن سان اقتدار ۾ آيل پ پ جي حڪومت کي سنڌ جي حفاظت لاءِ فوري طور قدم کڻڻ گهرجن. جنهن تحت سنڌ جي سرحدن تي خاص طور پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدن تي هڪ اسپيشل  فورس قائم ڪري مقرر ڪئي وڃي جيڪا ڪنهن به غير ملڪي کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏئي ۽ حڪومت پاڪستان کي به پنهنجون سرحدون سيل ڪرڻيون پونديون ته جيئن افغان پناهگير  ملڪي سرحدن ذريعي سنڌ ۾ نه اچن ۽ سنڌ جي عوام خاص طور قوم پرستن کي ان هڪ ايجنڊا تي پ پ حڪومت جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي عوام جي چونڊيل حڪومت سنڌ جي سڀني ڌرين ۽ قومپرست تنظيمن جي طاقت سان وفاق جي اڳيان پنهنجو موقف واضع رکي ۽ جيڪڏهن پوءِ به وفاقي حڪومت افغانين کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿئي ته پ پ جي سنڌ حڪومت پنهنجي عوام جي مڪمل حمايت ۽ طاقت سان قانون تحت افغانين لاءِ اڳواٽ ئي سرحدون سيل ڪري ايندڙ ويندڙ جا رستي ۾ شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري سگهي.

افغانين جي آمد ۾ لوڪل پٺاڻ سهولتڪار ٿي سگهي ٿو ان جي چرپر تي به ڪڙي نظر رکڻي پوندي ۽ اهو ڪم سنڌ حڪومت سان گڏ سنڌ جي عوام کي به ڪرڻو پوندو.