کاهي (ن پ ا) کاهي ۾ نوي سال اڳ تعمير ٿيل آبپاشيءَ کاتي جو قديم ريسٽ هائوس اداري جي بي ڌيانيءَ جي ڪري مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. عمارت مان قيمتي لوهه، فرنيچر ۽ اڳيان پوکيل لکين رپين جي ماليت جا پوکيل وڻ به چوريءَ ٿي ويا. جڏھن ته هاڻ ڪجهه بچيل سرون به ننڍا ٻار ۽ علائقي واسي ڪڍي کڻي رهيا آهن. جڏھن ته ان سلسلي ۾ آبپاشيءَ کاتي جي ڪامورن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي ته انهن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.