خليفو قاسم (ن پ ا) ٽنڊوباگو شھر لڳ نئون آباد واري علائقي ۾ 2001 ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل مونوٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين جي نااهليءَ سبب ڊهي کنڊر بڻجي ويو. ڪاليج ۾ شاگردن کي سکيا لا۽ مليل سمورو سامان ھڪ ڪمري ۾ بند هئڻ سبب زنگجي ناڪاره بڻجي ويو، اختيارين ڪوبه نوٽيس نه ورتو. عمارت ڊهڻ جي خدشي سبب شاگردن اچڻ ڇڏي ڏنو. تفصيل موجب ٽنڊوباگو شھر جي نئون آباد واري علائقي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان 30 ڪمرن تي مشتمل مونوٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ تعمير ڪرايو ويو هو پر 20 سال گذري وڃڻ جي باوجود غيرفعال بڻيل آهي. ڪاليج جي بلڊنگ ڊھي پوڻ انتظاميا ڪيترن ئي ڪلاس رومن کي تالا ھڻي بند ڪري ڇڏيو آھي. شاگردن کي سکيا لا۽ مليل سمورو سامان ھڪ ڪمري ۾ بند هئڻ سبب زنگجي ناڪاره ٿي چڪو آهي. اهڙي صورتحال ۾ شاگردن ڪاليج اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. ان کان علاوه ڪاليج جو ٽرانسفار چوري ٿيڻ بعد واپس نه ٿي سگهيو آهي. ٻئي پاسي ڪاليج جي اندر لڳل در ۽ دريون پڻ نامعلوم ماڻھو ڪڍي کڻي ويا. ان سلسلي ۾ ڪاليج جي پرنسيپال پرشوتم پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان لاڳپيل اختيارين کي بار بار شڪايتون ڪيون آھن پر ڪير سار لهڻ لاءِ تيار ناهي. ڪاليج جي بلڊنگ ختم ٿي چڪي آھي.