ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي جي ماضيءَ واري شاهوڪارسامونڊي شهرکاروڇاڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ٻيٽن تي قائم ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي واري پائپ لائين وڇائڻ واري ڪم جي شروع ٿيڻ تي کاروڇاڻ واسين ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي آهي. خبر موجب کاروڇاڻ ۽ ڀرپاسي جي سامونڊي ٻيٽن جي ڳوٺن ۾ سالن کان پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت نه هجڻ وارين عوامي شڪايتن تي نيٺ کاروڇاڻ تعلقي جي دارسي شاخ جي واٽر ڪورس مان سنڌ درياءَ جي ڦاٽ ڪريڪ کان کاروڇاڻ شهر تائين 6 هزار فوٽن کان کان ڊگهي پائپ لائين ذريعي پيئڻ جي پاڻي فراهمي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته سامونڊي ٻيٽ تي قائم تاريخي شهر کاروڇاڻ ۾ ڪيتري وڏي عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه هجڻ ڪري کاروڇاڻ هزارين رهواسين جي لڏپلاڻ جي اطلاعن جو حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن نيٺ نوٽيس ورتو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن پائپ ۽ ٻيو سامان ٻيڙين ۾ وجهي سامونڊي کارين رستي کاروڇاڻ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پهچايو ويو. معلوم ٿيو آهي ته ڦاٽ درياءَ کان کاروڇاڻ جي ٻيٽ تائين 6 هزار کان مٿي 3 انچ واري پائپ لائين ذريعي پاڻي تلاءَ ۾ گڏ ڪري هتان جي 3 هزارن کان مٿي کاروڇاڻ شهر ۽ هتان جي ٻين ٻيٽن ۾ قائم ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻي جي سهولت مهيا ڪئي ويندي. ٻئي پاسي کاروڇاڻ واسين حفيظ ملاح ، عثمان لوهار، محمد الرحيم ملاح، سليمان کٽي، مينهڙو ميربحر ۽ ٻين تڪ جي ايم پي حاجي علي حسن زرادري جا ٿورا مڃيندي کاروڇاڻ ۽ ٻين ڳوٺن جو پراڻو بنيادي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ورتل ڪوششن تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. علائقي واسين جو چوڻ هو ته کاروڇاڻ واسي ڊگھي عرصي کان پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم آهن، ڳرا ڀاڙا ۽ خرچ ڪري ٻيڙين ذريعي مختلف علائقن کان پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته کاروڇاڻ شهر کي سامونڊي تباهين کان بچاءَ لاءِ حفاظتي بچاءَ بند جي مرمت ڪرائي کين سامونڊي تباهڪارين کان بچايو وڃي.