ڀان سيدآباد (رپورٽ: آصف علي ميمڻ) ڀان سيدآباد ۾ قائم 200 کان وڌيڪ درزين جي دڪاندارن عيد ويجهو ايندي ئي سلائي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، مختلف علائقن شاهي بازار، مين چونڪ، اسٽيشن روڊ، ٽائون ڪاميٽي سميت مختلف علائقن ۾ قائم درزڪي دڪانن جي مالڪن درزين بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سبب ڄاڻائي سلائي جا اگهه 500 رپين مان وڌائي 600 کان 800 رپيا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي ڪري عام شهري سخت پريشان آهن، درزي وسيم گچل ٻڌايو ته ماهه رمضان درزين جي روزگار جو مهينو آهي، واپڊا وارا بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري دزري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، درزي خان محمد چنا ٻڌايو ته 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري اڪثر درزي پنهنجو ڪم جنريٽر ذريعي ڪري رهيا آهن، جنريٽر هلائڻ ڪري وڌيڪ خرچ اچي رهيو آهي ان ڪري درزي سلائي 600 رپين تائين وٺي رهيا آهن، دزري ياسين ڀنڊ ٻڌايو ته بجلي جي بند هجڻ ڪري درزين جو روزگار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، محمد علي سولنگي ٻڌايو ته في جوڙي جي سلائي 600 رپيا ورتي پئي وڃي جيڪا مناسب آهي، ڇاڪاڻ ته في جوري تي درزين جو 350 کان 400 رپيا خرچ اچي رهيو آهي، بٽڻ، بڪرم ۽ ريل سميت ٻيو سامان پڻ مهانگو ملي ٿو، منير احمد ٻڌايو ته عيد ويجهو ايندي ئي واپڊا ۽ گرڊ اسٽيشن جو عملو درزين کان هزارين رپيا رشوت گهري ٿو جيڪا نه ڏيڻ تي ڏينهن جو بجلي بند ڪئي وڃي ٿي. عاشق علي ڪنڀر ٻڌايو ته في جوڙي تي درزي کي هڪ سو رپيا منافعو ملي ٿو جيڪو سندن حق آهي، هوڏانهن شهرين شهزاد جمالي، عقيل احمد چنه، احتشام حسين، عبدالڪريم جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته في جوڙو هڪ هزار رپين ۾ ملي ٿو ۽ سلائي به 600 کان 800 رپيا ورتي پئي وڃي هي ڪٿان جو انصاف آهي؟ هنن سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته رمضان ۾ بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو وڃي ته جيئن درزي بجلي جي ذريعي سلائي ڪن ۽ سلائي جا اگهه گهٽ ٿي سگهن.