فريدآباد (ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺن مان 12 مھينن کان کنڀي گُم ڪيل رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن پاران روزانو 12 ڪلاڪن واري علامتي بُک ھڙتال 130 ھين ڏينھن به جاري رهي. بُک ھڙتال جي ڪنوينر حاجي خان خاصخيلي، عبدالرحمان خاصخيلي،عارف عمر، علي چانڊيو، اعجاز علي فقير نثار، ذاڪر چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوانن رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو کي ڳوٺ مٿين اکڪڍائي ۽ الھڏنو تيوڻو مان 12 مھينن کان بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي. جن جي آزاديءَ لاءِ اسين ڪيترن ئي مھينن کان وقتن بو قتن ڪورٽن جا در کڙڪائڻ سميت مسلسل پرامن احتجاج ڪري رھيا آھيون پر اسان جي احتجاجن جو ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي، ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف،ڊي جي رينجرز، چيف جسٽس آف سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن ۽ ٻين وس وارن اختيارين کي اپيل ڪئي ته جبري طور بيگناھ کنڀي گُم ڪيل اسانجي نوجوانن کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.