ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان ڳوٺ ھاشم ڦل ۾ اڻڄاتل پيرسن شخص جو لاش مسافر خاني مان مليو، 60 سالن جو پيرسن شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي. ڦل پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش اسپتال کڻائي نوشھروفيروز جي اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرائي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آھي.