مورو (ن پ ا) مورو شھر جي سچل ڪالوني ۾ گھر جي ڇت جو پلويڙو اچانڪ ڪرڻ سبب ٻن سالن جي معصوم نينگري اقصيٰ ڌيءُ شھزاد ميرجت دٻجي فوت ٿي وئي جنھن سبب سندس امڙ ۽ گھر ڀاتين کي بيھوشيءَ جا دورا پئجي ويا. فوت ٿيندڙ نينگري جي والد جو چوڻ ھو ته رات تيز طوفان سبب گھر جي ڇت جي چوڌاري ڏنل پلويڙو ڪمزور ٿي پيو جيڪو اچانڪ ڌماڪي سان ڪري پيو ۽ معصوم نينگري سان گڏ گھر جا چار ڀاتي به دٻجي ويا پر ٻيا زخمي به نه ٿيا ۽ معصوم نياڻي فوت ٿي وئي.