شڪارپور (رپورٽر) ڳڙھي تيغو ۾ 16 ڏينهن گذرڻ باوجود آپريشن شروع نه ٿي سگهيو، پوليس 8 مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڪا به گرفتار ٿي، صحافين جي اچڻ تي پابندي لاڳو، خبر موجب ڳڙھي تيغو ۾ ڌاڙيلن خلاف اعلانيل آپريشن 16 ڏينهن گذرڻ باوجود شروع نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي پوليس 8 مغوين کي بازياب ڪرائي سگهي آهي، اطلاعن موجب پوليس بدستور ڳڙھي تيغو ۾ موجود آهي پر ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، ٻئي طرف ڳڙھي تيغو ۾ آپريشن جي حوالي سان ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو طرفان ميڊيا جي نمائندن تي آپريشن جي ڪوريج ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي، ان ڏس ۾ ايس ايس پي شڪارپور جي پي آر او نسيم بخاري طرفان صحافين تي ڪوريج ڪرڻ تي پابندي ھڻڻ واري پريس ريليز جاري ڪئي وئي آھي.