ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ معصوم نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت، خبر موجب ڳوٺ ڪشمير خان جکراڻي ۾ پاڻي جي تلاءَ ۾ معصوم نينگر اصغر ولد ڏيول جعفري راند ڪندي ڪري پيو، جنهن کي وارثن پهچي تلاءَ مان ٻاهر ڪڍيو، جيڪو فوت ٿي چڪو هو. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر راند ڪندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري فوت ٿي ويو.