ڏهرڪي: ڪارنهن الزام ۾ ٻٽو قتل، لاش شاخ ۾ اڇلايا ويا

0
266

ڏهرڪي(ن پ ا) صادق آباد جي احمد پور لمحه ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام ۾ نوجوان ۽ ناري قتل، ٻنهي جا لاش شاخ ۾ اڇلايا ويا، ريسڪيو ٽيمن ۽ پوليس نوجوان جو لاش هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته ناري جي لاش جي ڳولا جاري آهي، احمد پور ٿاڻي حد ڳوٺ ولانا ۾ نوجوان احسان خالق ۽ ناري فاطمه کي قتل ڪري لاش شاخ ۾ اڇلايا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش مليو آھي، ناري جي لاش جي ڳولا لاءِ ٽوٻا گهرايا آھن، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ صادق آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.