عيد جو ڏينهن، ملاقاتي شينهن!
(حصو ٻيون ۽ آخري)
ڪن ڪپي ڇڏيا هئا ۽ ڪن ڪپڻ واري وڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي وئي هئي، ان کان پوءِ سموري پاڪستان جا ماڻهو گڏ ٿي ٽنڊي محمد خان واري پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهري ۾ ميرو واري پٽ گڏي جي سربراهيءَ ۾ مصروف هئا جن ۾ جانورن جي حقن جون کوڙ تنظيمون شامل هيون، سياسي سياسيءَ جي ذات لٿل هئي، ابا چاچي شينهن سامان جي ٿيلهي مون کي ڏيکاريندي چيو ته ٿيلهيءَ ۾ مون لاءِ مٺائي ۽ ٻيو سامان هو پر مون کي ان سامان سان ڪا دلچسپي نه هئي. مح۾د خان عرف گڏي ڇلگريءَ جي ڪتي موتيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ته ٿي رهيا آهن پر فلسطيني شهيد ڪنهن کي به ياد ناهن. آمريڪي صدر بائيڊن اسرائيلي حملن کي سندس دفاع قرار ڏنو آهي. ڇا معصوم ٻارن ۽ عورتن تي حملو دفاع آهي؟ ڇا نمازين تي حملو ڪرڻ دفاع آهي؟ ڪو وقت هو جڏهن فلسطين جا گوريلا جنگ ۾ هوندا هئا تڏهن انساني حقن جون دانهيون اڀري اينديون هيون پر هاڻي اهي تنظيمون ڇا پيون ڪن. هاڻ ڪٿي آهن ملاله يوسفزئي، هاڻ ڪٿي آهي عرفانه ملاح، انهن عورتن فلسطيني شهيدن جي حق ۾ هڪ ٽوئيٽ به ناهي ڪيو. فلسطيني ٻار ۽ عورتون سوشل ميڊيا تي ماتم ڪري رهيا آهن پر دنيا انتهائي عياريءَ کان ڪم وٺندي صرف امن جون اپيلون ڪري رهي آهي. هڪ طرف اسرائيل جا فوجي فلسطين جي معصومن جون ٻوٽيون اڏائي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف دنيا وارا بس امن جون اپيلون ڪري رهيا آهن، بلڪ اسان جي وڪيلن جيان بي وس. منهنجي حيدرآباد ۽ ٽنڊي محمد خان جي عوام کي اپيل آهي ته توهان بيشڪ گڏي ڇلگريءَ جي ڪتي موتيءَ لاءِ به پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر ان کان سواءِ فلسطينين کي به ياد رکو.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد
گورک هل اسٽيشن تي قبضي وارو معاملو!‎
گورک هل اسٽيشن سنڌ جو تفريح ماڳ آهي، گورک هل اسٽيشن به کيرٿر جي چوٽين مان هڪ چوٽي آهي، مستونگ کان ڪراچي تائين کيرٿر جي چوٽي مختلف نالن سان مشهور آهي، ڪٿي ڪتي جي قبر جي نالي سان ته ڪٿي ڏاڙهيارو جبل، ڪٿي گورک جبل، ڪٿي سوندي ته ڪٿي وري ٻين نالن سان مختلف چوٽيون سڃاتيون وڃن ٿيون پر کيرٿر جي لٺ نما چوٽي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي دنگ جي نشاني آهي ۽ صدين کان جبلن جي مالڪي جو هڪ مقامي طريقو رائج آهي ته جنهن چوٽي جو پاڻي جنهن پاسي وڃي اها چوٽي ان پاسي جي ليکي ويندي آهي. هاڻي جنهن زمين تي پلاننگ ٿي رهي آهي ان چوٽي جو پاڻي به بلوچستان ڏانهن وڃي ٿو، ان حساب سان مقامي طور تي ان جي مالڪي اتان جي بروهي قبيلي جي وڏيرن جي تصور ڪئي وڃي ٿي ۽ اهي ئي اتي پلاٽنگ ڪن پيا پر ڇاڪاڻ ته گورک وارو علائقو ترقي ڪري چڪو آهي اتي اچ وڃ وڌيڪ آهي ۽ سمورن ماڻهن جون نظرون آهن، ان ڪري جڏهن گورک تي پلاٽ نٿا ملن ته اهي بلوچستان واري پاسي وڏيرن کان پلاٽ وٺي رهيا آهن ۽ يقين اتي ڌاريا به اچن پيا، جيڪي اڳتي هلي مسئلا به ڪري سگھن ٿا پر ان معاملي کي اٿارٽي سان ڳنڍڻ سياسي بغض کان سواءِ ڪجهه به ناهي، اٿارٽي ته پاڻ به پريشان آهي اڃا تائين گورک جي ڊڪليئر ڪيل زمين به اٿارٽي جي حوالي نه ٿي سگهي آهي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
سنڌ ۾ ڇتن ڪتن جو آزار!‎
سنڌ ۾ ٻين مسئلن جيان ڇتن ڪتن جي ڏاڙھجڻ جا واقعا اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پيش آيا آھن، جنھن ڪري ھزارين ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن، ڪيترائي مري چڪا آھن. ڳوٺ گھنڊيا جي آسپاس رولو ڇتن ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگھيو آهي، وڌيڪ ٽي ڄڻا ڪتن جي ڏاڙھڻ سبب زخمي ٿي پيا آهن، ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ جي ٽن ماڻھن کي رولو ڇتن ڪتن حملو ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، يوسي فتحپور جي سيڪريٽري تي ڪن تي جُونءِ به نٿي سري. ڪجھ ڏينھن اڳ يوسي سيڪريٽري مختيارڪار سڪرنڊ وٽ رپورٽ پيش ڪئي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته يوسي ۾ 55 ڪتا ماريا ويا آھن، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته يوسي ۾ ھڪ ڪتو به ناھي ماريو ويو، ڪجھ ڏينھن اڳ اسان جي ڳوٺ ۾ ٽن ماڻھن کي ڪتن ڏاڙھي وڌو هو، انهن لاءِ ڪٿي به ويڪسين نه ملي. عدالت جي حڪم باوجود انتظاميا رولو ڇتن ڪتن کي مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناھن ورتا، جنھن ڪري روزانون ڪنھن نه ڪنھن ماڻھو کي رولو ڇتا ڪتا ڏاڙھي زخمي ڪن ٿا پر انتظاميا انھن کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. جنھن ڪري عوام جون زندگيون ھميشه خطري ھيٺ آھن. اسان سنڌ حڪومت ۽ وس وارن اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته عدالتي حڪم تي عمل ڪرائي ڇتن رولو ڪتن مان اسان جي جان آجي ڪرائي وڃي.
منظور علي زرداري/ڳوٺ گھنڊيا
سنڌ مان ڪرپشن ڪڏهن ختم ٿيندي؟‎
ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌ مان ڪرپشن جو خاتمو نه ٿي سگھيو آهي، جديد دور ۾ جتي دنيا آسمان سان ڳالهيون پئي ڪري ۽ اسان ساڳي جاءِ کان به پوئتي ھليا ويا آھيون، توهان سنڌ ۾ ڪھڙي به آفيس ۾ ويندا ته اتي توهان جو رشوت کان سواءِ ڪم نه ٿيندو، افسوس آ اسان جي سنڌي آفيسرن تي، جيڪي ڪجهه رپين جي ڪري پنھنجن سنڌين جا حق ڌارين کي ڏئي رهيا آهن، توھان ڏسو ڌارين کي سنڌ ۾ سنڌ جو ڊوميسائيل ٿو ٺاھي ڏنو ٿو وڃي، جنھن جي نتيجي ۾ ڌارين جي آبادي سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ايندي پئي وڃي. آخرڪار ڪيستائين اسان سنڌين جا حق ڌارين جي حوالي ڪيا ويندا؟ اسان جا سنڌي نوجوان ڊگريون حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ قابليت ۽ تجربي کان پوءِ به بيروزگار لڳا پيا آهن، صرف ۽ صرف ان ڪري ته هو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکن ٿا ۽ اسان جي آفيسرن کي رشوت نه ٿا ڏئي سگهن، ان ڪري سنڌين جا حق ڌارين کي ڏنا ٿا وڃن. آخر سنڌ مان ڪرپشن ڪڏهن ختم ٿيندي ۽ سنڌين کي پنھنجا حق ڪڏهن ڏنا ويندا؟ توهان ڏسو ڪنھن به وڏي پوسٽ تي توهان کي سنڌي نظر نه ايندو، مان پنھنجي سنڌي آفيسرن کي عرض ڪندس ته هو رب کي حاضر ناظر سمجهي سنڌين کي سپورٽ ڪن، نه ته سنڌ ۾ جيڪا تعليم رھي آهي اھا به تباھ ٿي ويندي، ڏينهون ڏينهن ماڻھن جي تعليم تان اعتبار کڄندو ٿو وڃي ڇو ته20، 25 سال تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ به بيروزگار بڻجي گھر ۾ ويھندو ته ھو پوين کي ڪھڙي راهه ڏيکاريندو؟ مان اعليٰ عھديدارن کي عرض ڪندس ته سنڌ مان ڪرپشن کي ختم ڪيو ۽ ڪيترن ئي گھرن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو.
ساجد علي شر/ ڪنگري، احمدپور
سڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا!
سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ هڪ ميڊيڪل جي شاگرياڻي طرفان ڏنل هڪ درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ ان شاگردياڻي موقف اختيار ڪيو ته ساڻس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڏنل امتحان ۾ ناجائزي ڪئي وئي آھي ۽ کيس کي ڄاڻي واڻي امتحان ۾ ناپاس ڪيو ويو آھي، جنهن ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي عهدن تان هٽائي سال 2018ع کان 2021ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سڀني امتحانن ۽ سڀني ڪيل ڀرتين کي تڪراري ڪري ڏئي ڇڏيو ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مان سمجهان ٿو ته ڪورٽ سڳوريءَ جيڪو به فيصلو ڪري ٿي ان کي اصولن سڀني ڌرين کي مڃڻ گهرجي پر هن فيصلي جي ڪري سڪن سان گڏ ساوا به سڙي وڃڻ جو خدشو آھي، ڇاڪاڻ ته 3 سالن جي عرصي دوران ڪيترائي امتحان ۽ انهن امتحانن جي آڌار تي ڪيتريون ئي ڀرتيون ٿيون هونديون، اهي سڀ گهر هليا ويندا جن شاگردن سالن جا سال محنت ڪري پڙهائي ڪئي هوندي ۽ سندن والدين وڏا وڏا خرچ ڪري کين پڙھايو هوندو ۽ سندن اولاد امتحان پاس ڪري آفيسر ٿيا هوندا ته کين جا خواب ساڀيان ٿيڻ تي سندن تڪليفون ختم ٿيون هونديون ته وري هڪ ٻن جي درخواستن تي اڄ سڀني جي مٿان ڇا گذريو هوندو اهو ته اهي سمجهي سگهن ٿا جن مٿان اڄوڪي اها خبر هڪ وڄ جيان ڪري هوندي. نه ته هئڻ ايئن ٿيڻ گهرجي ها ته درخواست گذارن جي مسئلي جي جاچ ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيسرن کي انهن جي فيصلي تائين معطل ڪيو وڃي ها ۽ پوءِ ڀلي جن به ڪيسن ۾ ڪا گھوٻي ثابت ٿئي ها ته انهن جون نوڪريون ختم ڪيون وڃن ها ته بهتر هو پر ڪورٽ سڳوري جي مرضي آھي ۽ سندس ڪيل فيصلي کي مڃڻ اسان سڀني جو فرض آھي.
محمد خالد ميمڻ/ڦل
مختيارڪار سجاد انصاريءَ ڏانهن!‎
سجاد انصاري صاحب اوهان جيڪي گاريون رمضان کي ڏنيون آهن، اهي گاريون صرف رمضان کي ناهن ڏنيون، هي گاريون انهن ورڪرن کي ڏنيون ناهن جيڪي هن سماج جي هر برائيءَ خلاف جهدوجهد ڪري رهيا آھن توهان جي ان غير تهذيب زبان مان ظاهر ٿي رهيو آھي ته اوهان پنهنجي منصب جا حقدار ناهيو، اوهان کي فورن عهدو ڇڏي پنهنجي ڪيل گناهه جي معافي وٺڻ گھري پوءِ به سماج اوهان جي معافي قبول نه ڪندو، اوهان جي ڪريل سوچ مان صاف ظاهر آھي ته اوهان عوام جي خدمت ڪرڻ نه پر صرف پنهنجي مفاد خاطر آيا آهيو، اوهان عوام جا خادم آهيو، حاڪم ناهيو. اوهان سرڪاري آفيسر حاڪم ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو، اها اوهان جي غلط سوچ آھي، اوهان پنهنجي سوچ کي تبديل ڪيو. عوام جا مسلا حل ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي جيڪا پوري ڪيو، جي ان سان اوهان جي دل آزاري ٿئي ته معذرت چاهيان ٿو.
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي، ٿر
لاڙڪاڻي جي خانگي اسپتالن تي پابندي لڳائي وڃي!
ڊليوري ڪيس سبب ڳوٺ مان سفر ڪري 20 هزار روڪ کڻي لاڙڪاڻي سرڪاري اسپتال پهتاسين، ايمرجنسي ڪيس سبب ڊليوري ۾ ڪنهن به قسم جي دير ٻار ۽ ماءُ جي حياتي خطري ۾ وجهي پي سگهي تنهن ڪري تڪڙ ڪري ڊاڪٽر کي منٿ ميڙ ڪئي سين، جنهن سبب ڊاڪٽر جا دڙڪا ڌهمان به برداشت ڪرڻا پيا. مڪمل 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڊاڪٽرن مختلف بهانا ڪندو رهيو ۽ اڳتي وڃي پنهنجي هڪ دلال کي موڪليائين، جنهن اچي چيو ته هتي رش گهڻي آھي ۽ مريض به سيريس آھي، دير ٿيڻ سبب ٻار به ضايع ٿي سگهي ٿو، ڊاڪٽر ٿو چوي ته منهنجي پرائيويٽ سينٽر تي اچو ٻه ٽي رپيا خرچ ٿيندو پر مسئلو حل ٿي ويندو. اسان به مريض جي اهڙي حالت ڏسي ڏنل پتي تي پهچي وياسين، ڪلاڪ به نه گذريو ته ٻار اچي ڏنائون، جڏهن فيس جي خبر پئي ته اسان جا هوش خطا ٿي ويا، رڳو ڊاڪٽر جي فيس 22 هزار ٻڌائي ،وئي مٿان وري 10 هزارن جون دوائون لکي ڏنيون ويون، مائٽن مٽن ڪنهن 5 ڪنهن 10 هزار ڏنا ۽ هتان هُتان ڪري اسپتال جو خرچ ڀريوسين ته چيو ويو ته اوهان هاڻي وڃي سگهو ٿا. ڪلاڪ اندر ڪمرو خالي ڪريو. پريشانيءَ اچي ورايو ته ڪار جا پئسا ڪير ڏيندو؟ مريض جي هٿ ۾ مائٽن طرفان ڏاج ۾ ڏنل منڊي پاتل هئي جيڪا لاهي کپائيسين، رسيد نه هجڻ سبب اڌ پئسا مليا، نيٺ ڪمرو خالي ڪري اچي ڪار ۾ ويٺاسين. جنهن ڪلاڪ ڏيڍ جي اندر اچي ڳوٺ پهچايو پر ان حالت کان پوءِ اسان به سمجهي وياسين ته جيڪڏهن نجي ادارا نه هجن ته ڊاڪٽر سرڪاري ادارن تي ڌيان ڏين.
امجد منير سنگراسي/لاڙڪاڻو
ترقي لاءِ عمل دعا کان وڌيڪ گهربل آھي!‎
اسرائيل جو پھريون وزيراعظم بن گوريان هڪ ڏينهن تڪڙو تڪڙو گھر کان ٻاھر وڃي رھيو ھو ته ان جي ڌيءُ ان کي ياد ڏياريو ته اڄ سالياني دعا جو ڏينھن آھي، بن گوريان جواب ڏنو: “ڪجھ رياستي معاملن جا ڪم رھيل آھن، اھي ضروري آھن ان لاءِ مان نٿو اچي سگھان.” ڌيءُ پڇيو “سالياني دعا کان وڌيڪ اھم ٻيو ڪهڙو ڪم ٿو ٿي سگھي؟” بن گوريان هڪڙو تاريخي جواب ڏنو “جيڪڏھن صرف دعا سان ڪم ٿين ها ته سمورا عرب ۽ مسلمان حج جي موقعي تي ايتري وڏي اجتماع ۾ هر سال اسرائيل جي تباھي ۽ بربادي جي لاءِ دعا ڪندا آھن پر عمل ناھن ڪندا ۽ نتيجو سڀني جي سامھون آھي، عرب ۽ مسلمان ڪھڙي حال ۾ آھن اھا توکي به خبر آھي ۽ اسان يھودي ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيا آھيون. مان رياستي معاملن جا ڪم پورا ڪري شام جو دعا ۾ به شامل ٿيندس.” هڪ عرب 40 ڪروڙ کان وڌيڪ بي عمل مسلمان ان 50 لک جيتري آبادي رکندڙ ننڍڙي ملڪ جي اڳيان بي وس آھن. ياد رکو ڪو به انسان پنهنجي بزدلي جي ڪري موت کان نٿو بچي سگھي ۽ جيڪڏھن دعائن سان مسئلا حل ٿين ها ته پوءِ غزوه بدر، احد ۽ خندق  لاءِ مسلمانن کي وقت جي فرعونن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ نه وڃڻو پوي ها.
عبدالحئي مهر/ٿانهريو رستم، شڪارپور
سنڌ جي يوسين کي مليل فائر برگيڊ جون گاڏيون!
فائربرگيڊ جنهن کي ايمرجنسيءَ ۾ باهه وسائڻ واري گاڏي به چيو ويندو آهي، جيڪا باهه کي وسائڻ لاءِ حڪومت طرفان هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ڏني وئي آهي پر اسان وٽ اهي گاڏيون وڏيرن ۽ ميونسپل جي عملي جي اوطاقن، ميلن ملاکڙن، پارڪن ۽ راندين جي گرائونڊن ۾ پاڻيءَ جي ڇِڻڪار جي ڪم ۾ ڏٺيون ويون آهن، جيڪڏهن ڪٿي اوچتو ڪا باهه لڳي وڃي ٿي ته پوءِ اها گاڏي سياسي ڪامورن جي حڪم سواءِ نه چرندي آهي، پوءِ ڪيتري به ايمرجنسي ڇو نه هجي، فائربرگيڊ عملي وارا مختلف سبب ڄاڻائي وقت تي نه پهچندا آهن، جيڪڏهن پهچندا آهن ته اهو به سياسي ۽ سرڪاري ڪامورن جي فون کان پوءِ. غريب ماڻهن جا ڳوٺن جا ڳوٺ سڙي ويندا آهن پر انتظاميا جا آفيسر پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي ڪري ڪو نه ڪو بهانو ڪري غريب ماڻهن کي موٽائي ڇڏيندا آهن پر ڪنهن وڏيري جي گندگاهه کي باهه لڳندي آهي يا ڪو سياسي جلسو هوندو آهي ته اها ساڳئي گاڏي وڏا وڏا ايمرجنسيءَ وارا سائرن وڄائي ماڻهن کي پريشان ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن غريب جي ڪکاون گهرن کي باهه وڪوڙي وڃي ته به اسان جي انتظاميا ستل هوندي آهي. وس وارن کان اها گهر آهي ته يا ته هن گاڏيءَ تان فائر برگيڊ جو نالو هٽائي “ڀوتار برگيڊ” رکيو وڃي يا وري هن گاڏيءَ کي غريبن جي سڙندڙ ڪکاون گهرن تائين وقت سر پهچڻ جو پابند بڻايو وڃي.
عبدالجبار راڄڙ/عمرڪوٽ
غريب ۽ بيروزگار نوجوانن جي سار ڪير لھندو؟
اسين ڪيترن سالن کان اھو ٻڌندا پيا اچون ته ڪنھن به ڪامياب ملڪ کي ترقي ڏيارڻ ۾ پڙھيل لکيل ۽ محنت ڪش نوجوانن جو وڏو ھٿ ھوندو آھي ۽ ھئڻ به کپي. اھو ئي سبب آھي جو اتان جا حڪمران پنھنجي ملڪ جي نوجوانن کي ھر سھولت فراھم ڪندا آھن جن جي کين ضرورت ھوندي آھي ته جيئن اھي پنھنجين صلاحيتن ۽ ھنر کي سنواري سگھن. ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني نوجوانن کي ڏسجي ته انھن کي ھڪ سيڪڙو به اڳتي وڌڻ جي ڪا سھولت فراھم نه ڪئي وئي آھي، جو اھي ڪا صلاحيت دنيا آڏو آڻي سگھن. ھتي جي ڪو غريب آ ۽ ان ۾ تمام وڏو ٽيلنٽ اٿس ته ان کي پوئتي ڌڪي ان جي جاءِ تي ھڪ بنا ٽيلينٽ واري ماڻھو کي آندو ويندو آھي، جنھن کي الف بي جي به خبر ناھي ھوندي، بس ان وٽ پئسي ھوندو آھي، جنھن جي سھاري ھو اڳتي نڪري ويندو آھي ۽ غريب ۽ قابل انسان ھميشه پوئتي هوندا آھن. اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ به جيڪي اسڪالرشپون غريب ۽ ذھين شاگردن لاءِ اينديون آھن اھي به چند پئسن عيوض اميرن جي ٻارن کي ڏنيون وينديون آھن، ايترو ڪجھ برداشت ڪري به ھار نه مڃندي غربت سان وڙھندي ھڪ غريب جڏھن تعليم مڪمل ڪري ڪنھن نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪندو آھي ته اتي به ميرٽ جي لتاڙ، ڪرپشن ۽ سفارش وري به غريب کي دربدر ڪري ڇڏيندي آهي، ان ڪري ھاڻ پڙھائي جو لاڙو گھٽبو پيو وڃي، خاص طور تي ٻھڙاڙين ۾ تمام تيزيءَ سان پڙھائي گھٽجي پئي، ان ڪري اسين اعليٰ آفيسرن کي اپيل ٿا ڪريون ته مھرباني ڪري نوڪريون، اسڪالرشپن تي پاڻ نظرثاني ڪري اھي ذھين، ھوشيار ۽ قابل نوجوانن کي ڏنيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ غريب ۽ قابل نوجوان پڙھائي ۾ دلچسپي وٺن ۽ مايوس نه ٿين.
محمد نصير ڪلھوڙو/خميسو ڪلھوڙو، ڪنڊيارو
هڪ چٺي سيد خورشيد شاهه ڏانهن!
مانوارا سائين، جيئن ته اوهان هن تڪ NA-199 پنوعاقل، صالح پٽ تان قومي سيٽ تي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي هن وقت ڪرپشن جي الزام هيٺ نيب ريفرنس موجب ڪيس هلي رهيا آهن جن ڪيسن ۾ اوهان لاءِ ووٽر دعاگو آهن ته جلد اوهان کي رهائي ملي ۽ انصاف ٿيندو. ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي، سنڌ سرڪار 01 کان 04 گريڊ تائين جون نوڪريون ڏئي رهي آهي، آئون چڱي ريت ڄاڻان ٿو ته اوهان پنوعاقل تڪ جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ وسان ڪين گهٽائيندئو. ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي انهن جي مرضي موجب نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو ۽ پڻ ڏيندا به رهو ٿا. آيل نوڪريون انهن بيروزگارن کي ڏنيون وڃن جيڪي سالن کان بيروزگار آهن، جن کي نوڪريون نه مليون آهن، هينئر به مون جهڙا ڪافي بيروزگار سنڌ حڪومت مان اها اميد رکيون ويٺا آهن ته انهن کي جلد روزگار ملوندو. هن خط ذريعي اوهان کان ۽ هن ضلعي سان تعلق رکندڙ وزيرن کي اها گذارش آهي ته خدارا ان ڳالهه جو خاص خيال رکو ته جيڪي بيروزگار نوجوان ضلعي سکر جو ڊوميسائل رکن ٿا انهن کي ضلعي ۾ آيل نوڪرين ۾ لڳايو نه ڪي ايئن ٿئي ته هن ضلعي جو ڊوميسائل رکندڙ ماڻهن جي حق تلفي ٿئي ۽ اهي نوڪريون ڪنهن ٻي پاسي هليون وڃن ۽ حقدار ميرٽ تي پورو لهندڙ اوهان جا ووٽر رهجي وڃن. اميد ته اوهان مڪمل خيال رکندا، جنهن تي ضلعي جو عوام ۽ اوهان جا ووٽر اوهان جي ان ڪارگذاري کي ساراهيندا.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
وڌي ويل لوڊشيڊنگ جو آزار!‎
ضلعي ٽنڊوالھيار جي يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺن جن ۾ ڳوٺ قاضي نور محمد به شامل آھي، اتي گذريل ٽن مھينن کان بجليءَ جي سخت لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آھي ۽ روزانو 13 کان 14 ڪلاڪ جي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ معمول بڻيل آھي، جنھن ڪري نه رڳو سخت گرمي جي ڪري ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آھي پر بجليءَ تي ھلندڙ ڪاروبار به سخت متاثر ٿي ويو آھي، جيتوڻيڪ ھر مھيني بجليءَ جا ڳرا بل به ادا ٿي رھيا آھن، ان باوجود به بجلي جو بدترين بحران جاري آھي، جنھن ڪري ماڻھن ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر پڻ ڇانيل آھي. يوسي مسڻ جو عوام واپڊا جي بالا عملي کان مطالبو ٿو ڪري ته مھرباني فرمائي ھن مسئلي کي حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار
جنرل راني!‎
پاڪ فوج جي جنرلن جي ججهي دولت ۽ عيش عشرت سان ڀريل زندگي کان ته هر ڪو باخبر هوندو پر انهن مان ڪجهه اهڙا جنرل هئا جن جي دولت ۽ عياش پرستي جا چرچا هنڌين ماڳين مشهور آهن، دولت ۾ ته عاصم سليم باجوا جيڪو ٿوري عرصي ۾ ڪک مان  کرب پتي بڻجي ويو، سو به اهڙي ملڪ مان جنهن جو عوام صدين کان رت ولوڙين ٿو پر پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن لاءِ ذاتي گهر به نٿا وٺي سگهن. جنرل يحيٰ لاءِ چيو وڃي ٿو ته جنرل صاحب جا 5 سو عورتن سان افيئرز هئا. جنرل راني جنهن جو اصل نالو “عقليم اختر” هو، جنهن 6 ٻارن جي اولاد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي مڙس اختر کان خلع ورتي، جيڪو هڪ پوليس وارو هو، خلع وٺڻ کان پوءِ هي مائي پنهنجي والدين ڏانهن وئي جتي به هن کي  رھڻ نه ڏنو ويو، هن مائي جي پريشانين ۾ اڃا اضافو ٿي ويو ڇاڪاڻ ته هن جو مڙس پوليس وارو هو، جيڪو مختلف اٽڪلن سان کيس تنگ ۽ پريشان ڪندو هو پر هن عورت به پڪوپهه ڪيو ته دولت ۽ پاور حاصل ڪرڻو آهي، هن پنهنجن قاتل ادائن سان جنرل يحيٰ کي قابو ڪري ڇڏيو، عقليم اختر کي هن پنهنجي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائي ڇڏيو، ڏسندي ڏسندي عقليم اختر ايڏي ته بااثر ۽ طاقتور بڻجي وئي جو سياستدان هجن يا ڪي ٻيا سڀ هن کي “جنرل راني” جي نالي سان سڏيندا هئا. ڏکيا ڪم جيڪي ٽاپ جي سياستدانن ۽ جنرلن کان به نه ٿيندا هئا اهي جنرل راني جي هڪ حڪم سان ٿي ويندا هئا. حمودالرحمن ڪميشن جيڪا بنگلاديش جي ٽٽڻ تي ٺاهي وئي هئي ان ۾ به جنرل راني جو سڌو سنئون ڪردار رهيو ۽ بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ حمودالرحمن ڪميشن ۾ سڀ کان وڌيڪ سوال يا جاچ جنرل راني کان ڪئي. ظاهر آهي جڏهن اهڙا اسان جا جنرل ٿيندا ته ملڪ ڇو نه ٽٽندو؟ سو هي هئي جنرل راني جي مختصر ڪهاڻي، جنهن لاءِ مشهور صحافي حامد مير صاحب چيو هو ته اظهار جي آزادي تي پابندي وجهڻ وارا اسان کي اوهان جي داغدار ماضي جي به خبر آهي ۽ جنرل راني جي به خبر آهي.
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد