ڍورونارو (رپورٽ: راشد ڀٽي) ڍورونارو ويجهو غلام نبي شاھ ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ درگاھ جي احاطي مان ساک ڏئي ٻاهر نڪرندڙ نوجوان ڪهاڙيون  ۽ گوليون هڻي قتل، 2 جوابدار گرفتار،  5 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل، ان ڏس ۾ غلام نبي شاھ ٿاڻي جي حد ۾ غلام نبي شاھ شهر جي درگاھ شهيد کٿر ولي جي احاطي ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل سامارو شاخ واسي نوجوان پانڌي پٽ والو سولنگي پنهنجو پلو آجو ڪرائڻ لاءِ  وارثن سميت ساک ڏيڻ لاء درگاھ پهتو، جتي نوجوان پنهنجي مٿان لڳل الزام جي ساک ڏئي درگاهه کان ٻاهر نڪتو ته هٿياربندن کيس ڪهاڙين جار وار ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن شاھ محمد شر ۽ ميان محمد شر کي گرفتار ڪري ورتو،  ٻي طرف مقتول جي ڀيڻيوي خدابخش سولنگي موجب ته  منهنجي سالي تي شر برادري جي ماڻهن ڪارنهن جو الزام مڙهيو هو، معذزن اسان کي ساک ڏيڻ لاءِ چيو هو، ساک ڏيڻ آياسين ته جوابدارن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته نوجوان بيگناهه هو، هوڏانهن  ايس ايچ او غلام نبي شاھ ارشد گشڪوري موجب ته واقعو پراڻي ڪارنهن تڪرار تان ٿيو آهي، مقتول جي ڀيڻيون جي فرياد تي 5 جوابدارن امير علي شر، ڦلو شر، شاھ محمد شر، ميان محمد شر، ۽ عرس شر خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،2 جوابدارن شاھ محمد شر ۽ ميان محمد شر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.