لاڙڪاڻو/رتوديرو(رپورٽ: نادر ابڙو+فرمان عبدالله ڀٽو) رتوديرو واسڻ مبينا اغوا بعد جنسي زيادتي جو نشانو بڻايل 15 ورهين جي نينگري سائره شيخ سان زيادتي جي تصديق، جزا روهڙي ليباريٽري اماڻيا ويا، واقعي جو ڪيس داخل، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جنهن پنهنجي جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي طرفان نينگري جي عيادت ڪندي وارثن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري، آپريشن بعد متاثر نينگري جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.  رتوديرو شهر جي نادر شاهه محلا ۾ گذريل ڏينهن اڳ اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻيل 15 ورهين جي نينگري سائره شيخ کي علاج لاءِ چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال جي آءِ سي يو سرجيڪل وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم جزا وٺي چڪاس لاءِ روهڙي ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن ۽ سندس علاج پڻ هلندڙ آهي. ان حوالي سان نينگري جي ڊاڪٽرياڻي شڪنتلا طرفان نينگري جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته نينگري مٿان ڪو به تشدد ناهي ٿيو. ٻئي پاسي اهڙي واقعي جو ڪيس نينگري جي پيءُ عبدالغفار شيخ جي فرياد تي گناهه نمبر 2023/99 قلم 364 اي، 376 ۽ 342 پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ باندي بڻائي اغوا ۽ جنسي ڏاڍائي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس جوابدار شفيع محمد رند کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي پوليس کي ٻڌايو آهي ته هن نينگري کي اغوا ڪرڻ بعد پنهنجي اوطاق ۾ وٺي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. ان حوالي سان رتوديرو ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگري سائره واري واقعي جو ڪيس سندس پيءُ جي فرياد تي داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال پهچي نينگري سائره جي عيادت ڪندي وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته سائره کي بهتر طبي امداد ڏني وڃي. ٻئي پاسي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان پڻ اسپتال پهچي متاثر نينگري جي عيادت ڪري وارثن کان معلومات ورتي. ان موقعي تي ايس ايس پي چيو ته نينگري جو علاج ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽرياڻي کان مون معلومات ورتي جنهن ٻڌايو آهي ته هينئر نينگري جي حالت ڪافي بهتر آهي. هن ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس نينگري جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس مُک جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جوابدار ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي.