ڊکڻ ويجهو ڊاڪٽر جي گاڏي تي فائرنگ، معجزاڻي طور محفوظ

0
265
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

ڊکڻ ويجهو لکي واھ وٽ نامعلوم هٿياربندن جي شهر جي معزز شخصيت ۽ ايم ايس سلطان ڪوٽ ڊاڪٽر خليل الرحمان سيال کي روڊ تي وڻ وڍي رڪاوٽون رکي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، گاڏي نه بيهڻ تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ ٻه گوليون ڪار ۾ لڳيون پر ڊاڪٽر معجزاڻي طور تي بچي ويو، واقعي بعد شهري ۽ پوليس نفري پهچي هٿياربندن جو پيرو کڻايو پيو وڃي، ڊاڪٽر خليل سيال ٻڌايو ته هٿياربندن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي، هن چيو آهي ته سياسي مخالفت به آهي، پڪ سان نٿو چئي سگهان ته مون تي حملو ڇو ڪيو ويو، ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياري.