ڀارتي گلوڪارا شريال گهوسل به ماءُ بڻجي وئي

0
437

ممبئي(دلچسپ نيوز) ڀارتي گلوڪارا شريال گهوسل به ماءُ بڻجي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀلوڙگلوڪارا شريال گهوسل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽويٽر ذريعي پٽ جي ڄمڻ بابت مداحن کي آگاهه ڪيو، هن چيو ته هو هاڻي ماءُ بڻجي چڪي آهي ۽ اهو تجربو انتهائي زبردست رهيو. واضح رهي ته شريال گهوسل ۽ شلادتيا جي شادي 2015 ۾ ٿي هئي جڏهن ته مارچ مهيني ۾ هن اميد سان هجڻ بابت آگاهه ڪيو هو.