ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي جنازي نماز فيصل مسجد اسلام آباد ۾ ادا ڪئي ويندي

0
259
ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي

ڪراچي(م ڊ ) ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي جنازي جي نماز اڄ منجهند 3 لڳي 30 منٽ فيصل مسجد اسلام آباد ۾ ادا ڪئي ويندي.

ڊاڪٽر عبدالقدير جون ٻه نياڻيون به اسلام آباد ۾ موجود آهن، جن جي صلاح ۽ مشوري کانپوءِ فيصل مسجد ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

مرحوم جي وارثن موجب عبدالقدير خان جي جنازي جي نماز 3 لڳي 30 منٽن تي ادا ڪئي ويندي ۽ ان جي تدفين اسلام آباد جي مرڪزي قبرستان ۾ ڪئي ويندي ۽ هن جون آخري رسمون هن جي وصيت موجب ادا ڪيون وينديون.