ڊانسر سيني شيٽي ڀارت جي سونهن راڻي بڻجي وئي

0
206
ڊانسر سيني شيٽي

ممبئي (شوبز نيوز)  ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي مشهور ڊانسر سيني شيٽي ”مس انڊيا 2022“ جو تاج کٽي ورتو آهي.  ميڊيا رپورٽن موجب هن سال جي سونهن راڻي جي چونڊ لاءِ ممبئي ۾ رنگا رنگ تقريب ٿي جنهن ۾ سيني شيٽي کي فاتح قرار ڏنو ويو ۽ کيس حسن جي راڻيءَ جو تاج پهرايو ويو

رپورٽ موجب 21 ورهين جي سيني ڀارت جي نئين حسينا راڻي آهي، هڪ مشهور ڊانسر هجڻ کان علاوه اڪائونٽنگ ۽ فنانس ۾ بيچلر جي ڊگري به رکي ٿي. راجسٿان جي ماڊل روبل ٻئي ۽ اتر پرديش جي شهناتا ٽئين نمبر تي آئي. بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن به مس انڊيا 2022 جي تقريب ۾ پرفارم ڪيو