دادو: شادي دوران جهيڙو،  گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 12 ڄڻا زخمي

0
19
دادو: شادي دوران جهيڙو،  گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 12 ڄڻا زخمي
دادو: شادي دوران جهيڙو،  گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 12 ڄڻا زخمي

دادو ويجهو شادي دوران گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن ۾ جهيڙي دوران گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

ڀان سعيد آباد واسي گهوٽ جي ڄاڃين ۽ ڪنواريتن وچ ۾ نڪاح کانپوءِ جهيڙو ٿي پيو

هڪ ٻئي تي ڏنڊن ۽ سروٽن سان ڪيل حملي ۾ گهوٽ سارنگ سولنگي، ڪنوار سونهن ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا

زخمين کي دادو سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو ويو

 گهوٽ جي وارثن موجب نڪاح بعد واپسي تي اسان جي مٿان ڏنڊن ۽ سروٽن سان حملو ڪيو ويو

ڪنواريتن جو چوڻ آهي ته گهوٽيتن پاران ڪنوار سان گڏ ماءُ ۽ ڀيڻ کي گڏ نه وٺي هلڻ جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو