اداڪارا ناديا جميل سان ننڍپڻ کان هيل تائين3 ڀيرا زيادتي جو انڪشاف

0
339
اداڪارا ناديا جميل سان

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن ناديا جميل انڪشاف ڪيو آهي ته مون سان 3 ڀيرا زيادتي ٿي. ناديا جميل ٽوئيٽر تي پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ سندس ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين جون تصويرن شامل آهن

هن انڪشاف ڪيو ته آئون پهريون ڀيرو 4 سالن جي عمر ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻيس، ٻيو ڀيرو 9 سالن جي عمر ۾ ۽ ٽيون ڀيرو 17 يا 18 سالن جي عمر ۾ زيادتي جو نشانو بڻيس. سندس چوڻ هو ته آئون هاڻ ڪٿي آهيان؟

مون کي شفا ملي، آئون نه رڳو جيئري رهيس پر ترقي جون منزلون به طئي ڪيون. ناديا جميل چيو ته مون کي گهري ڊپريشن، اداسي، خوف ۽ شرمندگي سان وڙهڻ ۾ ٻه سال لڳا، تڪليف کان سڪون تائين سفر هو، جيڪو مان طئي ڪيو