پوليس ڇا سياسي استعمال لاءِ هوندي آهي ؟

0
132
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ سياسي گرمي جي قيمت عام ماڻهو ادا ڪري رهيو آهي، نه انتظامي معاملا قابو ۾ آهن نه ئي وري حڪومتي نظام پنهنجي پيرن تي مضبوط بيٺل نظر اچي رهيو آهي جنهن ڪري تعليم کان وٺي امن مان ۽ صحت کان وٺي سول سروس ۾ عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي، کين ڪٿي به ڪير منهن سر لائڻ لاءِ تيار ناهي.مهانگائي جو ته ڪو دنگ ئي ناهي جنهن لاءِ دانهون ڪوڪون ڪجن ،پر هاڻي ته امن امان به هٿن مان نڪرندي نظر اچي رهيو آهي.اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو ملڪ جا حڪمران ۽ سياسي ڌريون سڄو زور حڪومتي ۽ سياسي معاملن جي جوڙ توڙ تي لڳائي رهيون آهن ۽ انهن جو سڄو ڌيان اقتداري ڪاريڊور ڏانهن آهي ۽ عوام کي سهولتون مهيا ڪرڻ يا انهن جي پاسي ڏانهن ڌيان ئي نه ٿو وڃي.سنڌ جيڪا ڪجهه وقت اڳ تائين بدامني جي باهه مان جان ڇڏائي چڪي هئي اتي وري هٿياربند ٽولا ،ڌاڙيل ،ڪرمنل ،ڏوهاري مضبوط ٿي رهيا آهن جنهن ڪري هر قسم جون ڏوهي وارداتون سنڌ ۾ ٿي رهيون آهن پر پوليس کان وٺي انتظاميا ۽ انتظاميا کان وٺي حڪومت تائين سڀ انهي تي ويچار ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن.

سنڌ ۾ ڪيتري وقت کان وٺي اهو نظر اچي رهيو هو ته ڏوهاري هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي رهيا آهن ۽ منظم وارداتن جون خبرون اچي رهيون هيون خاص ڪري سنڌ جي اتر سڏجندڙ علائقن ۾ ته هٿياربند پوليس کان به طاقتور نظر اچي رهيا هئا جو ڪيتري وقت کان وٺي خاص ڪري ڪچي وارن علائقن ۾ ته ڄڻ ته پوليس چوڪيون ۽ ٿاڻا به انهن هٿياربند جي مرضي کانسواءِ ٺاهڻ ممڪن نه هو.اتي قبائلي جهيڙن جي آڙ ۾ منظم ٿيل هٿياربند پوءِ ڏوهاري ٽولن جي صورت اختيار ڪرڻ لڳا آهن جيڪي اڳ ۾ هڪ وڏي آپريشن کانپُوءِ ذري گهٽ نه هئڻ جيترا بچيا هئا. هاڻي ته آئي ڏينهن ماڻهن جي اغوا يا ڪنهن پوليس اهلڪار يا عملدار جي شهيد ٿيڻ جي خبر انهن علائقن مان اچڻ معمول بڻيل آهي.راڻيپور مان هڪ معصوم ٻار جو اغوا ڪيترن ڏينهن کان پوليس انتظامي لاءِ چئلينج بڻيل آهي پر اڃا تائين ان جي واپسي ممڪن نه ٿي سگهي آهي ته گهوٽڪي شهر مان ٻن نوجوانن جي اغوا جي خبر سامهون آئي آهي. ان کان علاوه ڪيترا واقعا آهن جيڪي ڏس ڏئي رهيا آهن ته ڏوهاري ڪيئن سنڌ ۾ سرگرم آهن.جڏهن ته اغوا جي وارداتن کان علاوه اسٽريٽ ڪرائيم ،گاڏين جي چوري ،ڦر جون وارداتون  ۽ ٻيا ڏوهه به ايترا وڌي ويا آهن جو روز جون اخبارون پڙهجن ٿيون ته ان ۾ اڌ کان وڌيڪ خبرون  انهن ڏوهي وارداتن جون هونديون آهن ڄڻ ته سنڌ ۾ ڏوهن کانسواءِ ٻي ڪا سرگرمي ئي نه پئي ٿئي.انهي ماحول ۾ وري سياسي سرگرمين ۽ مڪاني چونڊن جي ڪري سڄي پوليس ڄڻ پنهنجي اصل ڊيوٽي امن امان کي برقرار رکڻ وارين ڪوششن بدران سرڪاري اميدوارن جي پروٽوڪول ۾ پوري آهي يا وري مخالفن خلاف انتقامي ڪاررواين لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. جيڪڏهن پوليس پنهنجو ڪم ڇڏي ٻئي ڪم لاءِ استعمال ڪئي ويندي ته ظاهر آهي امن امان جو مسئلو ته پيدا ٿيندو جيڪو صاف نظر اچي رهيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال قابو ۾ ناهي.

اسان سمجهون ٿا ته سياسي ۽ حڪومتي جوڙجڪ بلڪل حڪمرانن ۽ سياسي ڌرين جو حق آهي پر انهي قيمت تي عوام کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ  ظلم جي برابر آهي،انهي کان وڌيڪ پوليس کي سياسي معاملن ۾ ملوث يا استعمال ڪرڻ ان کان به وڌيڪ ظلم آهي جنهن ڪري نه رڳو عوام بدامني جي باهه ۾سڙي  ٿو پر مختلف سياسي ڪارڪن به انتقام جونشانو بڻجن ٿا. تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ خاص ڪري آءِ جي سنڌ کي ان معاملي کي ڏسڻ گهرجي ته بدامني جي باهه کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو ۽ پوليس کي ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ بدران پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪيئن وٺي سگهجي ٿو جيئن عوام به سک جو ساهه کڻي ته پوليس به بدنامي ۽ سياسي انتقام ۾ استعمال ٿيڻ واري الزام کان بچي سگهي.