مٺي: شڪارين ناياب نسل جا 9 هرڻ ماري ڇڏيا، 3 شڪاري هرڻن سوڌو سوگها: ڌرڻو

0
188
مٺي ڀرسان 9 ھرڻن جو شڪار

مٺي جي ڳوٺ رنگيلو ۾ شڪارين ناياب نسل جا 9 هرڻ ماري ڇڏيا، ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري 3 شڪارين کي7 هرڻن سوڌو سوگهو ڪري ورتو

سوين ڳوٺاڻن شڪارين ۽ شڪار ٿيل هرڻن سوڌو مٺي ۾ ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران وائيلڊ لائيف کاتي ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته وائيلڊ لائيف کاتي جي عملي جي ملي ڀڳت سان روزانو ٿر ۾ جانورن جو شڪار ٿيندو آهي

ڳوٺاڻن دانهيو ته هرڻ جانور نه، پر اسان جا ٻچا آهن، ٻچن جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون

ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتي واقعي جو نوٽيس وٺندي وائلڊ لائيف کاتي جي لاڳاپيل عملي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي