عثمان شاھ ھڙي( ن پ ا) ڇڪو کيڏڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايچ او عمرساند لائن حاضر ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڇڪو کيڏڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٽنڊو الهيار رخسار احمد کھاوڙ عمر ساند ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبداللطيف ميمڻ کي فوري طور لائن حاضر ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سندس جاء تي انسپيڪٽر علڻ عباسي کي عمر ساند جو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته عمر ساند ٿاڻي جي حد ۾ عثمان شاھ ھڙي ويجهو جمع خان لنڊ بس اسٽاپ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل مير جت برادري جي 5 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڪجھ ڏينهن گذرڻ جي باوجود جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۽ ڇڪو کيڏڻ جي وڊيو وائرل تي کيس مقتولن جي وارثن احتجاج ڪيو جنهن بعد ايس ايڇ او عبداللطيف ميمڻ کي لائين حاضر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻي پاسي انتهائي باخبر ذريعن معلوم مان ٿيو تہ عمر ساند پوليس ميرجت برادري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن مان ھڪ جوابدار کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري نامعلوم جڳھ تي رکيو ويو آهي .