حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي قديم تهذيب جي اهڃاڻ ڪنگ پريسٽ جي مجسمي سان بدتهذيبي واري عمل جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته مجسمي جي بدتهذيبي ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سنگت جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نذير ناز، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ ۽ آڊيٽر قادر جاگيراڻي هڪ بيان ۾ سنڌ جي قديم تهذيب جي اهڃاڻ ڪنگ پريسٽ جي مجسمي سان بد تهذيبي واري عمل تي سخت ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي تهذيب سان بداخلاقي ڪري سنڌ جي روح کي رنجايو ويو آهي. هنن چيو ته سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿيل تصوير ۾ ڪنگ پريسٽ جي مجسمي سان بداخلاقي ڪندڙ ماڻھن جا چهرا واضح نظر اچي رهيا آھن. سنڌ حڪومت سميت سنڌ جي ساڃاھ وندن ۽ ڌرتي ڌڻين کي گهرجي ته هو انهن ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪن. هنن چيو ته ثقافت کاتي کي ان معاملي ۾ اڳڀرو ٿي موئن جي دڙي تي موجود سيڪيورٽي عملي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان سخت پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته مجسمي سان بداخلاقي ڪندڙ ماڻهو ڪير هئا. هنن گهر ڪئي ته موئن جي دڙي ۽ ان جي آسپاس ڳجهيون ڪئميرائون لڳايون وڃن ته جيئن سنڌ جي تهذيب سان هٿ چراند ڪندڙ ماڻهن جو پتو پئجي سگهي. ماضي ۾ به سرڪاري بي ڌياني ۽ ڪن لاٽار سبب موئن جي دڙي مان مورتيون چوريون ٿيون هيون ۽ قديم آثارن جي ڀڃ ڊاھ پڻ ٿيندي رهي ٿي جيڪو عمل سنڌ جي تهذيب کي برباد ڪرڻ جي برابر آهي.