وارهه (ن پ ا) وارهه ۾ قتل ٿيل نوجوان جو قتل ڪيس ٽن جوابدار مٿان داخل، جوابدار گرفتار نه ٿيا. خبر موجب وچ شھر ۾ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل نوجوان ماجد چانڊيو جو قتل ڪيس سندس سئوٽ سڪندر گوگاڻي چانڊيو جي فرياد تي وارهه ٿاڻي تي ٽن جوابدارن صدام گوگاڻي، الطاف گوگاڻي ۽ يار محمد گوگاڻي خلاف داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان پوليس ھڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي. پوليس موجب گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ علي نواز گوگاڻي تي ڇاپو ھنيو ويو پر جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا.