خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ويجھو ڳوٺ رمضان لاشاري جي رھواسين پوليس چڙھائي ۽ گرفتارين خلاف گھوٽڪي بس اسٽاپ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي مظاهرو ڪري 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، پوليس خلاف سخت نعري بازي، ان موقعي تي محمد يوسف لاشاري، علي شير، مسمات مختاران، مسمات زينت ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي دانيهندي چيو ته خانپورمھر پوليس ڳوٺ تي بنا جواز چڙھائي ڪري گھرن ڀڃ ڊاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو، هنن الزام هنيو ته پوليس عورتن کي وارن مان جھلي گھلي تذليل ڪرڻ بعد ٻن پورھيتن محمد يونس لاشاري ۽ سندس پٽ محمد حسن لاشاري کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي ۽ اهلڪار گهرن مان 4 مينھون پڻ ڪاھي ويا آهن، مظاهرين وڌيڪ چيو ته پوليس چوري جو ڪوڙو الزام لڳائي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بيگناهه گرفتار ڪيل پيءُ پٽ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف 5 ڪلاڪ ڌرڻي بعد پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو، ھوڏانھن ايس ايڇ او خانپورمھر اختيار علي پنھور ٻڌايو ته اڄ صبح چوري ۾ ملوث ماڻھن جي گھرن تي چڙهائي ڪري ھڪ ڄڻي محمد يونس لاشاري کي گرفتار ڪيو آھي، ايس ايچ او ٻڌايو ته 3 ڏينھن پھريان ڳوٺ علي شير گڏاڻي مان گابو چوري ٿيو، جنھن جو پيرو ڄاڻايل ماڻھن جي گھرن ۾ لڳو جنهن تي ڪارروائي ڪئي.