ڇور(رپورٽ: ساگر شاھد نوھڙيو) ڇور ۾ پاڪ فوج طرفان ھڪ ھفتي کان ھلندڙ ھارڊ بال ڊي اينڊ نائيٽ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ ڇور ڪينٽ ۽ زڪريه ڪلب عمرڪوٽ وچ ۾ مقابلو ٿيو. زڪريه ڪلب عمرڪوٽ پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 154 رنز ٺاھيون، وقاص قريشي 45 رنز ٺاهي نمايان رهيو. جواب ۾ پاڪ آرمي ڪلب ڇور ڪينٽ 19 اوور جي ڇوٿين بال تي ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو. اھڙي طرح پاڪ آرمي جي ٽيم پنج وڪيٽن تان فائنل کٽي ورتو. ليفٽينيٽ ڪرنل علم خان، اي سي عمرڪوٽ غلام حسين ڪانيو ۽ ٻين ونر ٽيم جي ڪپتان اسد جمال ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان وقاص قريشي کي رنر ٽرافي ڏني