عمر ڪوٽ: ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ سان گڏهه به ڇتو ٿي پيو، ٻارڙيءَ کي ڏاڙهي خمي

0
291

عمرڪوٽ(ن پ ا) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڀوجراجيو ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ هڻڻ کانپوءِ گڏھ به ڇتو ٿي پيو، معصوم نياڻي ڪنول ڌيءَ عباس مڱڻھار کي چڪ ھڻي زخمي ڪري وڌو، زخمي ڪنول کي سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو، جتي کيس ويڪسين ڪرڻ بعد گھر منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽر جو چوڻ آهي هت معصوم نياڻي کي اڄ ئي گڏھ چڪ ھنيو ۽ فوري اسپتال آڻڻ تي بع ويڪسين ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل 15 ڏينھن دوران سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ ڪتي چڪ جي زخمي ڪيسن جو تعداد 80 ٿي ويو آهي، ڪتي چڪ کان بچاءُ جي ويڪسين وڏي تعداد ۾ موجود آھي پر ڪيسن ۾ به تيزي سان اضافو ٿئي پيو.