ڇا شهباز شريف دهشتگرد هو جو موڪل دوران سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو؟: مريم اورنگزيب

0
346

اسلام آباد (م ڊ) ڇا شهباز شريف دهشتگرد هو جو موڪل دوران سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو؟ عمران خان خان عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، نواز ليگ طرفان شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ وارو حڪومتي عمل توهين عدالت قرار، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته موڪل جي ڏينهن نيب ۽ اميگريشن کاتي جون آفيسز کوليون ويون، گهرو کاتي طرفان غيرقانوني طور سمري اُماڻي وئي، حڪومت وٽ ڪجهه نه بچيو ته شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، شهباز شريف ڪنهن به منصوبي ۾ ڪرپشن ناهي ڪئي؟ ملڪ ۾ رڳو تماشو هلي رهيو آهي.