دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي اباڻن گهرن کي خريد ڪرڻ لاءِ رقم جاري

0
227

پشاور: خيبرپختونخواهه حڪومت بالي ووڊ ليجنڊ دليپ ڪمار جي اباڻي گهر ۽ راج ڪپور خاندان جي حويلي خريد ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر پشاور کي 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فراهم ڪري ڇڏي آهي. اها رقم آثار قديمه کاتي پاران ڊپٽي ڪمشنر پشاور کي جاري ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، اداڪار دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي گهر مالڪن کي به حتمي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ميوزيم ۽ آرڪيالاجي عبدالصمد چيو آهي ته دليپ ڪمار ۽ راج ڪپور جي گهرن تي عيد کانپوءِ قبضو ورتو ويندو جڏهن ته قبضي بعد انهن جي بحالي وارو ڪم شروع ڪيو ويندو.