چڪ (ن پ ا) چڪ ڀرسان اغوا ٿيل 2 مغوي بازياب نه ٿي سگهيا، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل، هڪ مغوي جي وارثن ڪچي ۾ پاڪ ڪتاب گهمايو. خبر موجب اغوا ٿيل محمد طاهر ميئو ۽ فريد آباد واسي سونهارو پهوڙ کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي. هوڏانهن مغوي محمد طاهر ميئو جي وارثن پاران سندس بازيابي لاءِ ڪچي ۾ پاڪ ڪتاب گهمايو ويو پر مغوي جو ڪٿي به ڏس پتو پئجي نه سگهيو