شڪارپور: مغوي مجيد سرڪي جي بازيابي بعد پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي ايس ايس پي آفيس پهچي ويو، ان موقعي تي سھراب سرڪي جو چوڻ ھو ته شڪارپور ضلعو هميشه کان ڏکيو رھيو آھي، مغوي عبدالمجيد جي بازيابي لاءِ پوليس وڏي ڪارروائي ڪئي آھي، هن چيو ته ايس ايس پي جا شڪرگذار آھيون جنھن مغوي کي بازياب ڪرائڻ سان گڏ ٽن ڏوھارين کي به گرفتار ڪيو